ميروخان جي ٽائون ملازمن جون پگهارون بند، شاميانا هڻي ڌرڻو

ميروخان (ن ع آ ) ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي ملازمن طرفان گذريل چئن مھينن کان پگھارن مان ڪٽوتي ڪرڻ ۽ ھڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن جي پگھار بند ڪرڻ خلاف شاھ لطيف امپلائيز يونين جي طرفان شھر جي مين چؤڪ عرضي ڀٽو تي شاميانا ھڻي ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو خلاف احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ٽائون ملازمن جي تنظيم شاھ لطيف ايمپلائيز يونين جي اڳواڻن جاويد احمد مگسي سليم لغاري فاروق احمد سجاد مگسي غلام الله ۽ ٻين چيو ته ٽائون آفيس ۾ ملازمن سان ناجائزيون ٿي رھيون آھن ھڪ ته بي انتھا پگھارن مان ڪٽوتيون ٿي رھيون آھن ته ٻئي طرف ڊيوٽي نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائيندي ھڪ سئو کان وڌيڪ ملازمن جون پگھارون بند ڪيون ويون جيڪا سراسر ناجائزي آھي ھنن وڌيڪ چيو ته جيڪي ملازم آفيس وڃن ٿا انھن کي حاضري جو رجسٽر نٿو ڏنو ۽ ڪو به انھن کان حاضري وٺڻ لاء تيار نه آھي ھڪ سئيپر کي 40 ملازم ڏنا وڃن ٿا ڪو به آفيسر اسان جي دانھن ٻڌڻ لاء تيار ناھي جيڪڏھن دانھن کڻي وڃون ٿا ته ٽائون آفيسر چئي ٿو مون کي بليڪ ميل ڪن ٿا ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا ھنن وڌيڪ جيو ته ملازمن جون پگھارون بند ھجڻ ڪري سندن جي گھرن ۾ روزمره جي استعمال ٿيندڙ شين جي کوٽ ٿي وئي آھي ۽ اسان جا ٻچا فافاڪشي واري صورتحال مان گذري رھيا آھن اسين پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد ملازمن جون بند پگھارن جاري ڪرايون وڃن ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر شڪيل وسطڙو چيو آھي ته جن به ملازم احتجاج ڪيو آھي اھي ڊيوٽيون ڪندا ئي ناھن ھن وڌيڪ چيو ته احتجاج ڪندڙ جيڪو چون ٿا اھو سراسر غلط ۽ ڪوڙ آھي احتجاج ڪندڙ سليم لغاري ھڪڙي ڏينھن به ڊيوٽي تي ناھي آيو ھو سموو ڏينھن رڪشا ھلائيندو آھي جيڪو به ملازم ڊيوٽي ڪندو ان کي پگھار ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.