ڀينس ڪالوني ۾ ٽالاڻي اتحاد جو اجلاس، مختلف مامرن تي ڳالهيون

ملير (ڊ.ر) ڀينس ڪالوني جي ٽالاڻي اتحاد جو اهم اجلاس چئن رڪني ڪميٽي جي ميمبرن جي صدارت هيٺ ڊومڪي سٽي ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٽالاڻي برادري جي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سياسي حوالي سان ذوالفقار ٽالاڻي تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبرن بلاول ٽالاڻي، پروفيسر عبدالرشيد ٽالاڻي، اڪبر ٽالاڻي، ننڊو ٽالاڻي، جبار ٽالاڻي خطاب ڪندي چيو ته ٽالاڻي برادري مضبوط ۽ منظم آهي ڇو ته برادري جي هر هڪ شخص کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، اسان برادري کي هميشه متحد ۽ ڏک سک ۾ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنن چيو ته برادري هڪ آهي ته سياست ۾ به فتح ٿيندي آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ متحد رهڻ گهرجي، پنهنجي بزرگن تي يقين رکڻ به ڪنهن فتح کان گهٽ نه آهي ۽ اسان جي نظر ۾ برادري جا سمورا ماڻهو قابل احترام آهن، ان موقعي تي پيپلز پارٽي يوسي ڪيٽل ڪالوني جي اڳواڻ ذوالفقار ٽالاڻي خصوصي خطاب ڪندي چيو ته برادري اڳ به گهڻا نقصان کنيا آهن ۽ جنهن ماڻهن جي ڪري اهو ٿيو اهي اڄ اسان سان گڏ نه آهن، اڄ کان اسان اهو عهد ڪيون ته هاڻي برادري کي مضبوط هٿن ۾ ڏيون ته جيئن مستقبل روشن ٿي سگهي، اجلاس ۾ حاجي عبدالرزاق ٽالاڻي، مير داد محمد ٽالاڻي، شبير احمد ٽالاڻي، ڊاڪٽر حق نواز ٽالاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.