احمدپور لڳ گهر کي کاٽ، ڀلوڙ مينهن چوري

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ گهنيه مان نامعلوم چور ڳوٺاڻي جي گهر کي کاٽ ھڻي ھڪ ڀلوڙ مينھن چوري ڪري ويا، اين سي داخل رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ گهنيه مان گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڳوٺاڻي ضمير ٿھيم جي گهر کي کاٽ ھڻي سندس گهر مان ھڪ ڀلوڙ مينھن چوري ڪري فرار ويا آهن چوري متاثر ڳوٺاڻن پاران چورن جا پيرا کڻي صدرجي ڀٽيون لڳ ڳوٺ ڪامل بڙدي ۾ لڳايا ويا آهن جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻا واپس موٽي آيا آهن ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته چورن جا پيرا ڳوٺ ڪامل بڙدي ۾ لڳا آهن ڪوشش ڪري رهيا آھيون ته جلد چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي وٺجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.