نوابشاهه جي 4 شگر ملن رهتون نه ڏنيون، آبادگارن جو ڌرڻو

نوابشاھ (ڊ ر) سنڌ گروورس آرگنائيزيشن جي سڏ تي آبادگارن کي بقايا جات ۽ ڪوالٽي پريميم نه ملڻ خلاف چيئرمين رضا محمد چانڊيو جي قيادت ۾ حبيب شوگر ملز جي ٻاھران احتجاجي ڌرڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جنرل سيڪريٽري سردار احمد آرائين نائب ضلعي امير ڪنور راشد مڪرم ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ظفر اقبال ڪسان ونگ جي عبدالرحيم رائو زبير منصوري ،توصيف رحماني ،غلام مصطفي چانڊيو ۽ ٻيا شامل هئا وفد آباد گارن کي پنهنجي حمايت جي مڪمل يقين دھاني ڪرائيندي ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته آباد گارن کي ملز انتظاميه کان ھنن جا حق ڏياريا وڃن انھي موقعي تي ايس جي او (SGO ) جي صدر رضا محمد چانڊيو چيو ته حبيب شوگر ملز سميت ضلع شهيد بينظيرآباد جي 4.چئن شوگر ملز تي آباد گارن۽ ھارين جا 22، ارب روپيا رھتون آهن ھن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھائي ڪورٽ اسان جي حق ۾فيصلو ڏنو آهي ليڪن ڪا به شنوائي نه ٿي رهي آهي اسان ڇھن ڏينھن کان ھتي ويٺا آهيون نه ته شوگر ملز وارن ۽ نه وري ضلعي انتظاميه پاران ڪو رابطو ڪيو ويو آهي ھن چيو ته اسان جي جدوجھد پرامن آھي جنھن کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ضلعي نائب امير ڪنور راشد مڪرم چيو ته ملڪ۾عدل جو ٻٽو معيار آهي جيستائين ملڪ جي ٻاويهه ڪروڙ عوام پنهنجي حقن لاءِ جاکوڙ نه ڪندو نه اٿندو ان وقت تائين تبديليءَ نه ايندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.