لاڙڪاڻي ۾ گندو پاڻي بيهجي ويو، پائيپ ناڪارا، رهواسين جو احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي مان گندو پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو، رهواسي گندي پاڻي ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور، رهواسين پاران احتجاج ڪندي گندو پاڻي نيڪال ڪري سهولتون ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي يوسي 16 اولڊ پاسپورٽ آفيس ليلان آباد محلا جي رهواسين گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي خلاف گندي پاڻي ۾ بيهي احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رهواسين صفدر علي مڱريو، علي حسن شيخ، نادر ڪلهوڙو، مدد ڪلهوڙو ۽ ٻين دانهيو ته اسان جي علائقي ۾ سالن کان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري لڳل پائيپ ناڪاره ٿي ويا آهن جن ۾ گند ڪچرو ڦاسڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي ڪيترائي ڀيرا ميونسپل آفيسرن توڙي عملي کي شڪايتون ڪيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي. هنن چيو ته گندو پاڻي بيهڻ جي ڪري اسان جي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن کي اچ وڃ ۾ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آهي پر صفائي وارو عملو غائب آهي جن طرفان ڪيترن ئي ڏينهن کان صفائي نه ڪرڻ جي ڪري سڄي علائقي ۾ بدبوءَ ڦهلجي وئي آهي. رهواسين مطالبو ڪيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ سان گڏ صفائي سٿرائي ڪرائي رليف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.