حيدرآباد ۾ ڪينسر جي مريض جو مدد لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي پنڃرا پل گرو نگر جي رهواسي ڪينسر جي مريض آفتاب احمد پٽ شفاعت احمد مالي سهائتا لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن چيو ته گذريل 5 مهينن کان وات جي ڪينسر ٿي وئي آهي جنهن سبب جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، جڏهن ته وات جي ڪينسر ٿيڻ سبب گذريل 5 مهينن کان بستر تي پيل آهيان ڪو به ڪمائڻ وارو نه آهي جنهن ڪري فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيو آهيان. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.