خيرپور ۾پنجن ڏينهن کان پاڻي فراهمي بند، رهواسي سراپا احتجاج

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا شهري روڊن تي نڪري پبلڪ هيلٿ جا ايس ڊي خلاف احتجاج ڪيو،هن سلسلي ۾ خيرپور شهر جي مختلف محلن ٻٽرڙو ، عابدڪالوني ، الطاف ڪالوني، بچل شاهه محله، ميرعلي بازار، خانڻ شاهه محله، نظاماڻي محله، مل ڪالوني، شيشم ڪالوني، لقمان، جناح ڪالوني، سوڪ سينٽر، سائده ڳوٺ، آخوند محله، جيلاني محله، بخاري محله منشي محله، بابو شاهه محمد ڪالوني، ڳاڙهي پل، ٽالپر ڪالوني، سٽيزن ڪالوني،مدينه ڪالوني،بنارس ڪالوني ،عرشيه ڪالوني، ميمڻ محله حيدري بازار، ايوب بازار، پنجهٽي، گودوشاپ محله،ڏٻر محله، اوستاگاهي محله ، وريل شاهه محله، شهيد آباد ڪالوني، فيض آباد ڪالوني، سليم آباد ڪالوني سميت خيرپور جي پنجاهه کان وڌيڪ محلن ۽ ڪالونين ۾ واٽرسپلاءِ جو مٺو پاڻي گذريل 5 ڏينهن کان بند آهي جنهن سبب شهري پيئڻ جي پاڻي جي لاءِ پريشان آهن پاڻي نه هجڻ سبب شهري پري پري کان دلامٽ، ڪولر ڀري اچن ٿا جڏهن ته پاڻي نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي شهري پاڻي پئسن عيوض خريد ڪري رهيا آهن گهر جو رڌ پچاءُ ڪن ٿا جڏهن ته خيرپور جي شهرين شاهنواز عباسي، محمد بخش جميل احمد بلوچ ۽ ٻين چيو ته گذريل 5 ڏينهن کان واٽر سپلاءِ جو پاڻي بند آهي ڪرپٽ نااهل پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن ڪن تي جوءِ به نه ٿي چري جنهن ڪري اسان مجبور ٿي روڊن تي نڪري احتجاج ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته ڪروڙين رويين جي بجيٽ هجڻ جي باوجود پاڻي نه آهي ڪرپٽ نااهل ايس ڊي او کي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن شهرين جو پاڻي بند ڪيو آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي نااهل ايس ڊي او کي هٽائي ڪو ايماندار ايس ڊي او مقرر ڪيو وڃي ۽ شهرين کي پاڻي ڏنو وڃي.ٻئي صورت ۾ شهري مجبور ٿي پبلڪ هيلٿ آفيس جو گهيراءُ ڪندا جنهن جي ذميواري پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجيئر تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.