بدين ۾ اي سي جو مختلف علائقن جو دورو

بدين (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز بابر جي ھدايتن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد يونس رند بدين جي مختلف علائقن جي وزٽ ڪئي ۽ موجود شھرين کان پنھنجي محلي جي مسئلن بابت پڇو اسسٽنٽ ڪمشنر بدين پيپلز پارٽي اڳواڻ محمد حنيف خاصخيلي کان سندس محلي اندر درپيش مسئلن بابت نه رڳو پچو پر فوري طور انھن کي حل ڪرڻ جون به ھدايتون ميونسپل ڪاميٽي بدين جي عملي کي ڏنيون شھر انڌر برسات بعد مڇرن وڌي وڃڻ جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته پوري سٽي ۾ اسپري جون ھدايتون ڏنيون آھن پر جي ڪٿي ڪٿي ٽيم نه ٿي پھچي ته ان بابت ھو ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميه کان پچاڻو ڪندو برساتي پاڻي کي شھر مان نيڪال ٿيڻ وارين جاين جو مڪمل معائنو ڪندي ميونسپل ڪاميٽي جي عملي کي چيو ته شھرين کي ڪابه تڪليف پھتي ته برداش نه ڪندس  جيڪو ڪم جنھن جي حصي جو آھي اھو ڪم فوري طور پورو ڪري سموري ڪم جي مڪمل مانٽرنگ ڪيان پيو ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم ايمانداري سان ڪم ڪن شھرين جي شڪايت تي بخش نه ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.