حيدرآباد پوليس 2 ڄڻن کي گوليون هڻي ڇڏيون، ڏوهاري هئڻ جي دعويٰ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ نئون ايس ايس پي اچڻ کانپوءِ هاف فرائي وارو طريقو ٻيهر شروع ٿي ويو. حيدرآباد پوليس مبينا پوليس مقابلن ۾ ٻن جوابدارن کي رخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. پوليس ترجمان  پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اي سيڪشن ٿاڻي پوليس حيسڪو آفيس آٽوڀان وٽ چيڪنگ ڪري رهي هئي ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن مشڪوڪ ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو پر موٽرسائيڪل سوارن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار علي رضا کي هٿيار سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. جڏهن ته جوابدار جو ٻيو ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پڻ ساڳي نوعيت جي پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. پوليس موجب پيٽرولنگ دوران 15 ڪمانڊ بيس تان اطلاع مليو ته 2 ڦورو هڪ شهري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيا آهن. اهڙي اطلاع تي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي ميرن جي پڻ ويجهو ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران پوليس جو هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو ۽ مقابلي دوران جوابدار فهيم وسيو کي هٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي جميل عباسي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب جوابدار حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڦر ۽ چورين جي وارداتن ۾ ملوث آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.