نوابشاهه ۾ قومپرست اڳواڻ جو زال جي قتل خلاف احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) پراڻي قومپرست اڳواڻ ۽ جسقم ضلعي آرگنائيزر ڪامريڊ ساجن مغيري مسلسل ناانصافين سبب مايوس ٿي انصاف نه ملڻ جي  صورت ۾ پاڻ کي باھه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڪامريڊ ساجن مغيري نوابشاهه پريس ڪلب پھچي پنھنجي درد ڪٿا ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو آهي ته 2009 ۾ نوابشاهه ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ چئن جوابدارن احمد نواز مغيري، علي احمد مغيري، محمد نواز مغيري، امان الله مغيري منھنجي گھر تي حملو ڪري منھنجي گھر واري کي بيگناھ بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪيو هو جنھن بعد اسان ڪوشش ڪري ھڪ جوابدار احمد نواز مغيري کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو جنھن کي عدالت سزا ڏني جڏهن ته ھن وقت تائين نوابشاهه پوليس باقي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي جنھن ڪري ھاڻي مايوس ٿي چڪو آھيان، مذڪورہ جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن نوابشاهه پوليس کي سڄي خبر آھي ته روپوش جوابدار ڪھڙي ھنڌ ترسيل آھن پر پوليس ڳري رشوت وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ھن چيو تہ جيڪڏهن ملوث باقي ٻين جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪيو ته پاڻ کي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو باھه ڏئي ساڙيندس. جنھن جي ذميوار نوابشاھ پوليس ۽ ضلعي انتظاميہ ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.