منهڙي ڀرسان مائينر کي گهارو، پاڻي گهرن ۽ فصل ۾ داخل، احتجاج

منهڙو (ن ع آ ) منھڙو ڀرسان روھڙي ڪينال مان نڪرندڙ قائم ڪور مائينر کي سونھري فارم سامھون 30 فٽ گھارو پئجي ويو. گهارو پوڻ سبب ڳوٺ شريف آباد پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو پاڻي گھرن  ۾ داخل سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ پاڻي هيٺ ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود گهارو بند نه ٿي سگهيو جنهن سبب پاڻي ٻين ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف مگر آبپاشي عملدارن پاران ڪوبه گهاري واري هنڌ نه پهتو جنهن سبب رھواسي سخت پريشان متاثر کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار ويٺل متاثر ڳوٺاڻن شمن سولنگي, محمد عثمان ڪورائي, غفار ڪورائي, شفيع محمد سولنگي, ھدايت الله سولنگي, محسن سولنگي, رستم سولنگي, مريد چانڊيو, ستار ڪورائي ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته گهارو پوڻ جو بر وقت اطلاع آبپاشي عملدارن کي ڏنو ويو مگر آبپاشي عملدار گھاري واري ھنڌ نه پھچي سگھيا جنهن سبب پاڻي اسان جي گهرن ۾ اچي ويو اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي گهرن ۾ پيل اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان پاڻي سبب خراب ٿي چڪو آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته لاپرواهي ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ اسان جي گهرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن اسان جا اجها ڊهڻ کان بچي وڃن ياد رهي ته قائم ڪور مائنر تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري کيس پڪو ڪيو ويو هو مگر ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب قائم ڪور مائنر کي گهارا پوڻ روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.