شهدادڪوٽ لڳ ڪار اونڌي، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي

شھدادڪوٽ ( ڊر ) بلوچستان جي علائقي ونگو واري  چاڙھي  وٽان ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪري ڪلٽيون کائيندي وڃي ھڪ کاھي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ناصر بروھي فوت ٿي ويو ۽ عابد بروھي مرڻينگ ٿي پيو, حادثي جي اطلاع تي ليويز پوليس پھچي فوتي ۽ زخمي کي شھدادڪوٽ تعلقه اسپتال کڻائي آندو, ۽ حادثي جو اطلاع وارثن ڏانهن پڻ ڪيو, فوتي ۽ زخمي خضدار جا رھواسي ٻڌايا ٿا وڃن جيڪي خضدار کان لاڙڪاڻي علاج لاء وڃي رھيا ھئا ته رستي ۾ ساڻن حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.