ڪشمور ڀرسان جوابدار مڙس تشدد ڪري زال قتل ڪري ڇڏي

ڪشمور(ن ع آ) ڪشمور لڳ  پنجاب جي سونمياڻي واري علائقي ڳوٺ پنھيار ۾ 27 سالن جي رضيه ملڪ مڙس جي سخت تشدد بعد فوت ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار ساجد پنھيار  پنهنجي گهرواري مسمات رضيه کي لڳاتار تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو اطلاع تي اسين مقتولا جي گھر پھتاسين ته جوابدار گھر ڇڏي فرار ٿي چڪا هئا فوتي عورت جو لاش ڪشمور ٿاڻي تي آندو ويو آهي وارثن جو چوڻ آهي ته پھرين قتل ڪندڙ جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي بعد ۾ فوتي عورت جي تدفين ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.