سکر ۾ پوليس ڪارروايون، قتل ڏوهه جا ٻه جوابدار گرفتار

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر پوليس جي ڪاروائي، قتل جي ڏوهه ۾ جوابدار ڄاڻايل 2 ڄڻا گرفتار، خبرموجب سکر جي  مختلف ٿاڻن جي پوليس بهار ڪالوني واري علائقي ۾ ملڪ اسلم ڪاڪا جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هڻي ڪيس ۾ گھربل وزير علي ملڪ ۽ سندس ساٿي محراب ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سٽي باءِ پاس واري علائقي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ملڪ اسلم کي قتل ۽ رئيس شرف الدين ملڪ کي زخمي ڪيو هو. جن کي سکر پوليس پاران هڪ ڳجهي اطلاع تي چاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.