سکر هاءِ ڪورٽ ۾ اويس قادر شاهه خلاف ڪيس جي ٻڌڻي، ضمانت ۾ 26 آڪٽوبر تائين واڌ

سکر(رپورٽر ) صوبائي وزير اويس قادر شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس  جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس امجد علي سهتو جي جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران اويس قادر شاهه جو وڪيل مڪيش ڪارڙا ۽ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران اويس قادر شاهه جي وڪيل مڪيش ڪارڙا عدالت کي ٻڌايو ته خورشيد شاهه ريفرنس ۾ اويس شاهه تي جيڪي الزام لڳايل آهي اهي ئي نئين جاچ ۾ به لڳايا ويا آهن، هوڏانهن نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اويس قادر شاهه خلاف نيب سکر پاران جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ اويس قادر شاهه گرفتاري کان اڳ عبوري ضمانت ڪرائي آهي، عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد اويس قادر شاهه جي ضمانت ۾ 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سکر ۾ سينيئر فوٽو گرافر نعيم غوري جي ننڍي ڀاءُ جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي

سکر )   رپورٽر ) سکر جي سينيئر فوٽو گرافر نعيم  احمد غوري جو ننڍو ڀاءُ جبران غوري گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ فوت ٿي ويو آهي. سندس مڙهه شام جو دير سان سکر آڻي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي. فوتي پونئرن ۾ هڪ بيواهه ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ڇڏيو آهي. هوڏانهن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي نائب صدر لالا اسد پٺاڻ، سکر پريس ڪلب جي صدر نصرالله وسير، جنرل سيڪريٽري ياسر فاروقي، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر سليم سهتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، سکر ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي صدر جاويد گھنيو، جنرل سيڪريٽري صلاح الدين سميجو ۽ ٻين نعيم غوري سان سندس ڀاءُ جي وفات تي گھري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.