ڊگهڙي ۾ويلڊر جي دڪان تي جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ڊگهڙي (ن ع آ)ڊگھڙي ۾ ويلڊر جي دڪان تي جهيڙو ٻنهي ڌرين جا ٻه ڄڻا زخمي،خبر موجب ڊگهڙي شھر ۾ ميرواھ گورچاڻي روڊ تي ويلڊر جي دڪان تي ٻن ڌرين ۾  معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو اهڙي واقعي بابت دڪان مالڪ سڪندر ولد محمد رفيق ملڪ ڊگهڙي ٿاڻي تي درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته دڪان تي لوھ جي ٽڪرا چونڊڙ ٻار کي منع ڪئي ته بجلي جو ڪرنٽ نه لڳي پئي منع ڪرڻ جي باوجود ٻارڙو نه مڙيو ته مون کيس ٿڦڙ هنئي جنهن تان علي ولد عبدالستار ملڪ مڇرجي ڪهاڙي جا وار ڪري مونکي زخمي ڪري ڇڏيو ٻي طرف علي ملڪ پڻ درخواست ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته سڪندر ملڪ منهنجي مٿان لوهي راڊ سان حملو ڪري زخمي ڪيو آهي پوليس ٻنهي ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيا زخمين کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي ۾ طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد سي ٽي اسڪين ڪرائڻ لاء ميرپورخاص ريفر ڪيو ويو.

صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جو نيڻو رام مندر جو دورو

مٺي (بيورو) صوبائي وزير مينارٽي افيئر گيانچند ايسراڻي ۽ پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري  پيپلزپارٽي ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي اسلامڪوٽ پھچي سنت  نيڻورام آشرم ۾ حاضري ڀري،اُنهي موقعي تي ساڻس گڏ ڪنور ڪرني سنگھ،سشيل ڪمار ملاڻي،درشن ڪمار ملاڻي،سراج سومرو،کينئراج سنگھ،ڪمليش لوھاڻو،راجا آڻنداڻي ۽ ٻيا گڏ هئا،صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ترجيع بنيادن تي ٿر جا مسئلا حل ڪري رهي آهي،کلي ڪچهرين جو مقصد ئي عوام جي در تي اچي مسئلا معلوم ڪرڻ آهي،ٿر ۾ پ پ حڪومت رڪارڊ ڪم ڪرايا آهن،اسان جي وري به ڪوشش آهي ته عوام جا سمورا مسئلا حل ڪيون،سنڌ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٿر لاءِ سوچي ٿو،وڏو وزير مراد علي شاھ هر وقت ڪوششن ۾ لڳل هوندو آهي،وفاقي حڪومت عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.