ڊگهڙي ويجهو موٽرسائيڪل سلپ، هڪ ڄڻو زخمي

ڊگهڙي (ن ع آ)ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ درياء خان ڪلوئي ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ احمد عرف پوڙهو ڪلوئي زخمي ٿي پيو زخمي کي تعلقي اسپتال ڊگھڙي ۾ طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

ڪشمور ويجهو موٽرسائيڪل سان حادثو، هڪ ڄڻو زخمي

ڪشمور(ن ع آ) ڪشمور ڳوٺ محمد عيسيٰ کوسو ڀرسان لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب پوليس اهلڪار محمد اعظم کوسو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي  ڪشمور جي خانگي اسپتال علاج لاءِ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران سخت زخمي ھئڻ ڪري رحيم يار خان علاج لاءِ ريفر ڪيو ويو آهي.

سيٺارجا ۾ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

سيٺارجا (ن ع آ) مهراڻ هاء وي تي موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ زوردار ٽڪ, 3 ڄڻا سخت زخمي , اسپتال داخل تفصيل موجب  سيٺارجا ڀرسان مهراڻ هاء وي تي موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ اعواڻ ڪاٽن فيڪٽري وٽان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ حسن الدين ڪمبوه جا رهواسي 3 ڄڻا دانش علي , رضوان علي,  سليمان جٽ سخت زخمي ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي حد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار بڻيل موٽر ۽ ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.