مانجهند کي گئس ڏيو، ڄامشوري ۾ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

ڪوٽڙي ( ت ر ) ڪوٽڙي تعلقي مانجهند جي شھر ۽ ڳوٺن کي  ٻن سالن جي مسلسل احتجاج کان پوءِ  به ٻارڻ لاءِ  گئس نه مليو، مقامي ماڻهن کي روزگار قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي پاران پيدل مارچ ڊي سي ڄامشورو جي  آفيس آڏو ڪوٽڙي اوور هيڊ برج تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو  روڊ بند گاڏين جون ڊگهيون قطارون بيهجي ويون ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻاڻن جي ضلعي انتظاميان  خلاف سخت نعريبازي ايس يو پي، جي  يو آءِ ، جسقم، نون ليگ ۽ ٻين ڌرين تي مشتمل  قدرتي وسيلا جدوجهد ڪميٽي پاران ڪيل احتجاج جي اڳواڻي  ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، ايڊووڪيٽ خدابخش ٿيٻو، فياض سومرو، دريا خان لغاري، مولانا سڌير احمد رند، حق نواز مڱڻهار  ۽ احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته  گئس ڪمپني ۽ ڊي سي ڄامشورو مانجهد واسين سان زيادتي ڪري رهيا آهن جديد دور ۾ به اسان جي عورتون ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي رڌ پچاءُ ڪري پنهنجي اکين جو نور نچوڙي رهيون آهن، جڏھن ته هتان  نڪتل گئس ٻين صوبن  ڏانهن وڃي ٿي پر مقامي ماڻهون کي نٿي ڏني وڃي ٻن سالن کان سراپا احتجاج آهيون ڪيترائي  انوکا احتجاج پڻ ڪيا آهن پر گئس ڪمپنين توڙي ضلعي انتظيا کي ڪوبه احساس نٿو ٿئي ڊي سي ڄامشورو ۽ گئس ڪمپنيون لکت ۾ ڪيل معاهدن تان به ڦري ويون آهن، مظاهرين سان اي ڊي سي ون ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.