روهڙي لڳ ڊاٽسن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ فوت، ٻيو زخمي

سکر (رپورٽر )  روهڙي جي ويجهو ڪلر ڳوٺ جي ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار ڊاٽسن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر موٽر سائيڪل سوار سيد  امداد شاھ ۽ عطا محمد شاھ سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال روهڙي پهچايو ويو جتي سيد امداد علي شاھ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو حادثي جو شڪار ٿيندڙ موٽر سائيڪل سوارن جو تعلق بلوچستان جي علائقي بولان سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي پنوعاقل کان واپس اچي رهيا هئا ته کين حادثو پيش آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.