جهڏي مان واپاري نوجوان گم، پوليس حوالي، احتجاج

جهڏو (ن ع آ) جهڏو جي غلام حسين ڪالوني جي رهواسين شاهنواز جوڻيجو، دلنواز جوڻيجو، ميڊيا سينٽر جهڏو تي احتجاج ڪندي چيو ته چيو ته سندس ڀاءُ فاروق جوڻيجو جهڏو ۾ گاڏين جو واپار ڪندو آهي گذريل 9 سيپٽمبر تي جهڏو جي قائم خاني پاڙي جي رهواسي خاصخيلي برادري جي ماڻهن منهنجي ڀاءُ فاروق جوڻيجو کي ڪار جي سودي جو بهانو ڪري ٽنڊو الهيار کڻي ويا، ۽ بعد ۾ ٽنڊو الهيار پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، اهڙي خبر پوڻ تي اسان جڏهن ڄاڻايل ماڻهن سان رابطو ڪيو ته هنن سندس ڀاءُ کان 27 لک روپيا قرض گهرڻ جي دعوا ڪندي رقم ڏيئي ڀاءُ کي وٺي وڃڻ جو چيو، اسان اهڙي درخواست ٽنڊو الهيار جي عدالت ۾ داخل ڪرائي آهي جنهن بعد ٽنڊو الهيار پوليس گذريل 6 سيپٽمبر تي امتياز خاصخيلي جي فرياد تي فاروق جوڻيجو مٿان 27 لک رپين ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو آهي پر پوليس ڀاءُ کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ظاهر نٿو ڪيو وڃي، جنهن سبب اسان سخت پريشان آھيون، هنن آئي جي سنڌ، سميت سمورن وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته ڀاءُ جي حياتيءَ کي خطرو آهي فوري طور ظاهر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.