سجاول ۾جيالي جو نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

سجاول ( رپورٽ : امتياز سومرو ) سجاول ۾ نوڪري نه ملڻ خلاف پ پ جي جيالي پاران ٻئي ڏينهن تي به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، پ پ تعلقي صدر جو جيالي سان رابطو بک هڙتال ختم ڪرڻ تي زور، خبر موجب سجاول ۾ نوڪري نه ملڻ خلاف پ پ جي جيالي ڪامريڊ حسين شيخ پاران اڄ ٻئي ڏينهن تي بہ پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي انھي موقعي تي علامتي بک هڙتال تي ويٺل جيالي ٻڌايو ته پ پ تعلقي سجاول جي صدر پاران ساڻس فون تي رابطو ڪري بک هڙتال ختم ڪرڻ لاءِزور ڀريو پيو وڃي هن چيو ته ھڪ دفعو ٻيھر مونکي ڪوڙو دلاسو ڏيئي علامتي بک هڙتال ختم ڪرڻ تي پريشر وڌو پيو وڃي، پريس ڪلب اڳيان روزگار نہ ملڻ ۽ پ پ ضلعي قيادت پاران رڳو نوڪرين جا ڪوڙا دلاسا ڏيڻ جي خلاف علامتي بک هڙتال تي ويٺل ڪامريڊ حسين شيخ چيو ته پارٽي جي اعلي قيادت نوٽيس وٺي انصاف ڪري تيستائين علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.