ٺٽي ۾رٽائرڊ استاد جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

ٺٽو(ڊر)ٺٽي کانپوء سجاول ضلعي ۾ بہ روينيو کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان بااثر ماڻھن جعلي ڪاغذن جي اڌار تي مقامي ماڻھن جي زمين تي قبضا ڪري کين بيدخل ڪري ڇڏيو، متاثر رھواسين جون دانھون، انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ تعلقي سجاول جي ديھ ونگارو جي رھواسي رٽائرڊ استاد عبدالرزاق ڪھرائي ملاح سندس سروي زمين تي بااثر ماڻھن پاران ڪيل قبضي توڙي سجاول ۾ روينيو کاتي جي عملدارن پاران ڪيل جعلسازي خلاف ھٿ ۾ بينر کڻي ٺٽي کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاج ڪندي رٽائرڊ استاد عبدالرزاق ڪھرائي ملاح صحافين کي ٻڌايو تہ سندس سروي زمين تعلقي سجاول جي ديھ ونگارو ۾ 6 ايڪر 8 گھنٽہ آھي، جنھن تي بااثر ماڻھن روينيو کاتي سجاول جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان جعلي ڪاغذن جي آڌار تي قبضو ڪري کيس پنھنجي ئي زمين مان بيدخل ڪري اھا زمين بہ وڪرو ڪرڻ چاھين ٿا، ھن چيو تہ روينيو کاتي جي انتظاميہ ۽ بااثر قبضا گيرن خلاف 2008ع ۾ عدالتي حڪم تي منهنجي حق ۾ فيصلو آيو ۽ زمين جو قبضو بہ مونکي ڏياريو ويو، جنھن بعد ٻيھر بااثر مافيا عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي جعلي کاتا ٺهرائي منهنجي زمين تي قبضو ڪري مونکي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، بااثر قبضاگير ۽ روينيو جي ڪرپٽ عملي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڊي سي سميت لاڳاپيل اختياريون خاموش تماشائي بڻيل آهن، ھن چيو تہ هاڻي مونکي پنهنجي گهر وڃڻ بہ نٿو ڏنو وڃي، مون وٽ پراڻو روينيو رڪارڊ موجود آهي، جنهن موجب منهنجي والد محمد بچل ڪهرائي جي 1995ع ۾ ٺهرايل پاس بُڪ ۽ 2008ع جي عدالت جو حڪم بہ شامل آهي، پر بااثر مافيا منهنجي زمين ڦٻائڻ لاءِ منهنجي جان جِي ويري بڻجي ويئي آهي،ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري کيس تحفظ مھيا ڪرڻ سميت سندس سروي زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرايو وڃي.الي ڪرائي قبصاگيرن خلاف ڪاروائي ڪري سجاول ضلعي ۾ روينيو کاتي پاران ڪيل جعلسازي جو نوٽيس وٺي کين قبضاگيرن جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي، ٻئي صورت ۾ انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.