لاڙڪاڻي ۾ شهداد ڪوٽ واسي جو ڀاءُ ۽ ڀائيٽن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شهدادڪوٽ ويجهو ڳوٺ نور خان سيلرو واسي پيرسن پنهنجي پٽن سان گڏجي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن واحد بخش سيلرو دانهيندي الزام لڳايو ته بااثر ڀاءُ پيارل ۽ ان جي پٽ امير علي سيلرو 15 سالن کان منھنجي مرحوم پيءُ نور خان سيلرو جي ملڪيت زرعي زمين، 20 تولا سون، پلاٽ، 50 مينھون ۽ ٻي ملڪيت تي قبضو ڪيو آهي پيءُ جي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي مون کي ۽ پٽن کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جنهن خلاف مون پنهنجي سردار چڱي مڙس علي مراد سيلرو، قمرالدين سيلرو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ناهيد خان کهاوڙ ۽ ٻين کي دانهن ڏني پر اڄ ڏينهن مون کي پنهنجو حق ناهي مليو جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ملڪيت مان حصو ڏياري بااثر ڀاءُ ۽ ڀائيٽي خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.