هڱورا اتحاد جي اڳواڻ جا مختلف علائقن جا دورا، ماڻهن سان ملاقاتون

اوڏيرولال (ن ع آ) آل ھنڱورا اتحاد جو صدر علي ھنڱورو طرفان  اڏيرولال مٽياري سانگھڙ  دادو مورو   حيدرآباد ڄامشورو  ٺٽو بدين ۽ سميت ٻين ننڊ وڏن شھرن جا دوار ڪري  پنهنجي برادري جي معززن  سان گڏجاڻيو  ڪيون ان موقعي تي  علي ھنڱورو چيو ته اسان جي برادري سنڌ سميت پاڪستان  ۽ ٻين ڪيترن هي ملڪن  ۾ موجود آهي مگر افسوس جو اسان جي برادري کي نظرانداز ڪيو ويو آهي اسان جي برادري جي ڳوٺن ۾ نه روڊ نه اسڪول نه بجلي نه گيس نه  جي سهولت موجود آهي ۽ نه وري اسان جي هنڱورا برادري جي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون  ٿيون ملن ،  اسان جي اتحاد جو مقصد صرف پنهنجي برادري جي غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ انهن جي ٻارن کي تعليم ۽ ٻيو سھولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهي ان موقعي تي ٻين اڳواڻن سھيل ايوب  ھنڱورو روستم علي ھنڱورو عاشق علي ھنڱورو حاجي منير ھنڱورو مظهر ھنڱورو ايڊوڪيٽ  زاھد ھنڱورو يونس خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مقصد آهي ته تعليم ۽ بنيادي سھولتون پنهنجي برادري جي غريبن جي ھر  مدد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.