چوهڙ جمالي ۾روڊ جو ڪم ناقص ٿيڻ خلاف رهواسي سراپا احتجاج، مظاهرو

چوهڙ جمالي ( ن ع آ) چوھڙجمالي ويجھو قادر ڏنو شاھ روڊ ۾ ناقص مٽريل استعمال ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج قادر ڏنو شاھ ۽ آسپاس جي علائقن جي رهواسين محمد يوسف اوٺو غلام رسول اوٺو ۽ ٻين قادر ڏنو شاھ روڊ تي بيهي روڊ ۾ ناقص مٽريل استعمال ٿيڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو هنن جو چوڻ هو ته 35 سالن کانپوء اسان جو روڊ ٺھي رهيو آھي پر ان ۾ ناقص مٽريل استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪري روڊ مڪمل ٿيڻ کان اڳ روڊ جي مورين وٽان ٽٽي رهيو آھي روڊ ۾ کڏا پئجي رهيا آھن ٺيڪيدار کي چيو آھي پر ٻڌڻ لاء تيار ناهي روڊ جي ڪم تي ڌيان نه ڏنو ويو ته قادر ڏنو شاھ جو روڊ وقت کان اڳ ٽٽي ناڪاره ٿي ويندو هنن تڪ جي ايم پي اي ايم اين اي سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته قادر ڏنو روڊ ۾ استعمال ٿيندڙ ناقص مٽريل جو نوٽيس وٺي روڊ کي بهتر بنايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.