حيدرآباد ۾ جوهي واسين جو تيل ڪمپني خلاف احتجاج، سهولتن جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽر) دادو جي تعلقي جوهي جي رهواسين ۽ ڇنڊڻ ويلفيئر ايڪشن ڪميٽي علائقي ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ ۽ خانگي ڪمپني پاران علائقي واسين کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آفتاب احمد پنهور، غلام عباس لنڊ، شفيع محمد گاڏهي، ارشاد گوپانگ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته علائقي ۾ گذريل 16 سالن کان قائم او پي پي ايل آئل اينڊ گئس ڪمپني اتان جي مقامي ماڻهن کي ڪو روزگار نه ڏنو آهي، جڏهن ته سڄي علائقو ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري بنجر بڻجي ويو آهي ۽ نه ئي ڪمپني کين ڪي سهولتون ڏنيون آهن. هنن چيو ته لڳ ڀڳ 50 ڳوٺ آهن پر ڳوٺن جا روڊ رستا تباهه آهن، علاج لاءِ اسپتال نه آهي، پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن، جڏهن ته سندن علائقن ۾ وڏيون وڏيون اسڪيمون اچي ويون آهن پر علائقن کي ڪا به سهولت نه ڏني وئي آهي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن چيو ته پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن پر ڪوبه سار لهڻ وارو نه آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي علائقي واسين کي پنهنجا حق ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.