سنڌ ۾ کليل ڪچهريون ڊراما آهن:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ عوام کي بيوقوف بنائڻ لاء وزير کلين ڪچھرين جو ڊرامو ڪري  رھيا آھن۔ جيڪي وزير پنھنجن تڪن ۾ ڪا سھولت نہ ڏئي سگھيا اھي ٻين ضلعن ۾ کليون ڪچھريون ڪري ڪرپشن جا نوان طريقا ٺاھي رھيا آھي۔ سنڌ حڪومت 13 سالن ۾ عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي بہ نہ ڏئي سگھي آھي۔ کليون ڪچھريون مسئلن کان بي خبر ھجڻ جو ڊرامون آھي حڪمران ٻڌائين تہ انھن ڪھڙي ضلعي جي اسڪولن کي ماڊل بنايو آھي؟ سنڌ ۾ ڪھڙي اسپتال بھترين آھي؟ ڪھڙي ضلعي جا رستا حادثن جو ڪارڻ ناھن؟ ڪھڙي ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ناھي؟ ڪٿي امن امان، انصاف، ميرٽ، روزگار ۽ بنيادي انساني سھولتون ميسر آھن؟ اياز لطيف پليجي چيو تہ کليون ڪچھريون تہ ان وقت ڪبيون آھن جڏھن ڪي لڪل ڳالھيون ۽ پوشيدا مسئلا ظاھر نہ ٿيندا ھجن۔ سنڌ ۾ تہ ھر شھر ۽ ڳوٺ مسئلن جا امبار لڳل آھن۔ حڪمران ٻڌائين تہ انھن کي ڪھڙن مسئلن جي خبر ناھي، جنھن ڪري ڳجھا مسئلا تلاش ڪرڻ لاء کليون ڪچھريون ڪيون پيون وڃن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت جا ايم پي اي، ايم اين اي ۽ صوبائي وزير کلين ڪچھرين کان اڳ ۾ عوام کي ٻڌائين تہ انھن پنھنجي تڪن ۾ ڪھڙا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.