وفاق جو نصاب قومن جي سڃاڻپ خلاف آهي:نواز زنئور

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراھ نواز خان زئور، محمد علي خشڪ، حبدارميرجت، ھالار رتڙ ۽ حاجن گل شر چيو آھي ته وفاق  پاران هڪ گڏيل نصاب واري ڳالهه تاريخي قومن جي وجود ۽ قومي تشخص خلاف هڪ سازش آھي. ساڳئي وقت ان مان آمريت جي بوءِ پڻ اچي ٿي. هڪ نصاب واري ڳالهه تاريخي حقيقتن، ثقافتي سڃاڻپن ۽ سائنسي سوچ جي پڻ مخالفت ۾ آهي. جنهن کي ڪنهن به طور قبول نه ڪيو ويندو. گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط فيصلن سبب سنڌ تمام گھڻن مسئلن جي ور چڙھيل آهي. جن مان ٻاهر نڪرڻ جو گس قومي جدوجهد آهي. پنهنجو قومي وجود برقرار رکڻ جي لاء سنڌين کي عملي طور تي جاگيردار سياست کي پڻ رد ڪرڻو پوندو. جاگيردار سياست ۽ خراب حڪمراني جي ڪري سنڌ جا ماڻھو وڌيڪ بدحالي جي ور چڙھي ويا آهن. انھي ڪري ميرن، پيرن، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي سياسي حمايت بدران قومي حقن جي حاصلات واري واٽ وٺڻي پوندي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌو درياء جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڊيمن سميت ڪيترائي اھم مسئلا سنڌ  کي درپيش آھن، جن خلاف قومي پارٽي پاران جدوجهد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.