بهادر پور جو سرڪاري اسڪول کنڊر بڻجي ويو، شاگردن ۾ خوف

بھادرپور (رپورٽ :  حضوربخش سومرو)  ڳوٺ بھادرپور گورمينٽ بوائس ھاءِ  اسڪول ڏينهان ڏينهن کنڊرات جي شڪل اختيار  ڪندو پيو وڃي   ضلعي انتظاميا ڪو خاص توجهه نه ڏني ۽ ڏسڻ جي زحمت پڻ نه ڪئي آخر ڪار مستقبل ۾ پڙهڻ وارن ٻارن کي تعليم کان محروم  ڇو رکيو ٿو وڃي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ کي ڪامورن ٺيڪيدار جي ملي بھڳت سان ھر سال اسڪولن جي لاءِ آيل بجيٽ ھرپ ڪئي ٿي وڃي، ڳوٺ بھادرپور گورمينٽ بوائس ھاءِ اسڪول کنڊرات بلڊنگ ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جو چوڻ آهي ته اسان ھن اسڪول ۾ تعليم پرائيون ٿا ۽ اسان کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ڪٿي آسان جي مٿان ھي ملبو ڪري نه پئي ۽ اسان جي تعليم ڏاڍي متاثر  ٿي والدين پاران ملبي جي خوف کان پنهنجي ٻارن کي اسڪول نٿا موڪلن ڪٿي ھي ملبو انھن مٿان ڪري نه پئي، ڳوٺ واسين ۽ استادن جو چوڻ آهي ته درخواست  ڏيڻ جي باوجود ڪوبه عمل ناهي ٿيو ، وڏو وزير، صوبائي وزير تعليم ۽ ٻيون اختياريون اسڪول جي مرمت ڪرائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.