لطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻين جو پوائنٽ نه ملڻ خلاف احتجاج

خيرپور (رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو ) شاھه عبدلطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردياڻين کي پوائنٽ نه ملڻ خلاف يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو  شاگردياڻين جو احتجاجي مظاھرو ۽ انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي ،ان سلسلي ۾ شاگردياڻين گيٽ جي اڳيان احتجاج ڪندي چيو يونيورسٽي انتظاميه بنا جواز جي اسان جو پوائنٽون بند ڪري ڇڏيون آھن جنھن ڪري اسان ڪلاس بي ٽائيم تي نه ٿيون اٽينڊ ڪري سگھون جڏھن ته اسان شاگردن سان گڏ پوائنٽن ۾ پنھنجن گھرن ڏانھن اچون ۽ وڃون ٿا جيڪو عمل سراسر غلط آھي يونيورسٽي انتظاميه اسان کان لکين روپيه سالانه فيس وٺي پر اسان کي ٻيون سھولتون ته نه ڏنيون وڃن پر اسان کان پوائنٽ جي سھولت کسي پئي وڃي.  ھنن چيو انتظاميا مسلسل شاگردن توڙي شاگردياڻين سان ناانصافي تي لھي آئي آھي ھنن تعليم جي وزير کان مطالبو ته انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.