جوهي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جي سڏ تي ڌرڻو

جوهي  ( ن ع آ ) جوهي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جي سڏتي مختلف ڳوٺن جي آبادگارن ميهر گاڏھي،  گلشير رند،  صفر لنڊ،  ايوب لغاري، خليل عارف سومرو،  حاجي غلام قادر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد  مخدوم بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد فاضل چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن آبپاشي کاتي ۽ حڪمرانن خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي هنن  خطاب ڪندي چيو ته جوهي سميت ملڪ ۾ سرڪار  جو زرعي پاڻي پهچائڻ فرض  آهي، مگر جوهي جي پڇڙي جي آبادگارن کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي، هنن الزام هڻندي چيو ته جوهي برانچ جي پڇڙي تي آباد ڳوٺ اڪثر پ پ  مخالفن جا آهن، جنهن سبب کين سياسي  انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، هنن چيو ته  عالمي قانون موجب اليڪشن بعد هر ملڪي ماڻهو جي جان مال بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ حڪمران تي فرض آهي، چاهي هو ووٽر هجي يا مخالف هنن چيو ته آبادگارن جي احتجاج  بعد جوهي برانچ جي پاڻي ۾ اڃان کوٽ آهي، احتجاج  ڪرڻ تي ڪو به نوٽيس وٺڻ لاءِ  تيار نه آهي، ان مان ثابت ٿيو ته سرڪار پاڻي مسئلي تي سنجيده نه آهي، هنن چيو ته پاڻي اسان جو حق آهي جنهن لاءٌ مرڻ گهڙي تائين احتجاج جاري رکيو  ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.