لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڪارروايون، سرچ آپريشن، 35 شڪي گرفتار

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس مختلف علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪندي 35 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو جاچ دوران ٽي ڄڻا اشتهاري جوابدار نڪتا جن وٽان گٽڪا ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن. رپورٽ موجب ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي جي هدايتن تي ايس پي هيڊڪوارٽر محمد ڪليم ملڪ جي سربراهيءَ ۾ لاڙڪاڻو پوليس شهر جي مختلف علائقن سر شاهنواز ڀٽو روڊ، گجڻ پور چوڪ، شاهو ٻوراهو، يار محمد ڪالوني، مڇي مارڪيٽ، ايئرپورٽ روڊ، سينٽرل جيل روڊ ۽ پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي جي چئوطرف علائقن ۾ سرچ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪندي مختلف هوٽلن ۽ گاڏين مان بغير شناختي دستاويزن جي 35 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس طرفان سمورن ماڻهن جي جاچ ڪرڻ بعد موٽرسائيڪل سميت حراست ۾ ورتل ٽي ڄڻا اشتهاري جوابدار نڪتا جن ۾ لال خان خروس، غلام قادر جتوئي ۽ منير ڪلهوڙو شامل آهن جڏهن ته جوابدار گلزار دايو کان گٽڪا هٿ ڪري سندس مٿان حيدري ٿاڻي تي اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف ايف سي ڪمپني آڏو فائرنگ واقعي سان تعلق ناهي: انتطاميا

ميرپور ماٿيلو ( ن ع آ ) ايف ايف سي ڪمپني ميرپورماٿيلو جي مين گيٽ آڏو ورڪرن جي  احتجاج دوران ٿيل فائرنگ واري واقعي جي ڪمپني انتظاميا ترديد ڪندي پريس ريليز جاري ڪندي ايف ايف سي ٿري جي پي آر او امان الله شر چيو ته آھي 13/9 جي صبع جو ايف ايف سي جي گيٽ نمبر 4 جي ٻاھران جيڪو فائرنگ وارو واقعو ڪنٽريڪٽر ۽ ورڪرن جي ذاتي ڪاوڙ جي بنياد تي ٿيو آھي،جنھن ڪري ايف ايف سي جو ڪوبه تعلق نه آھي، ڪمپني انتظاميا وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي مھينن کان نوٽ ڪيو پيو وڃي ته بيگنگ ورڪر ٺيڪيدار جنھن جا ھو ملازم آھن،وچ ۾ معاعدو نه ٿيڻ ڪري ان جي ورڪرز پنھنجي ٺيڪيدار جي خلاف ھڪ غيرقانوني ڪئمپ ڪمپني جي گيٽ نمبر چار جي ٻاھر نيشنل ھائي وي تي لڳائي رکي آھي،  معاملي جي ٺيڪيدار ۽ مزدورن وچ ۾ ڳالھيون ٿيڻ گھرجن ته جئين معاملو حل ٿي ، ايڊمنسٽريٽر گھوٽڪي کي گھرجي ته ھن ڪئمپ کي فوري ختم ڪرائين ته جئين عوام دھشت گردي جي ڪاروائي کان محفوظ رھي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.