ڦل ڀرسا ن قتل ٿيل جي ايف آءِ آر داخل، 2 جوابدار گرفتار

ڦل ( ن ع آ)ڦل ڀرسان ڳوٺ خير محمد جانوري ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان  شھزادو جانوري جي ايف آءِ آر ڦل ٿاڻي تي سندس ڀاءُ جي فرياد تي 3 سڃاتل. ھڪ اڻسڃاتل تي ڪٽي وئي 2 جوابدار گرفتار ، ڪالهھ ڦل ڀرسان ڳوٺ خير محمد جانوري زمين جي تڪرار تان ماروٽ ھٿان قتل ٿيل نوجوان شھزادو جانوري جي قتل جي ايف آءِ آر ڦل ٿاڻي تي سندس ڀاءُ عجيب علي جانوري جي فرياد تي 4  ڄڻن غلام مرتضي جانوري صدورو جانوري  ابراھيم جانوري ۽ ھڪ اڻسڃاتل تي ڪٽي وئي جنھن ۾ قلم 302 34  پي پي سي لڳايو ويو، ڦل پوليس جي ايس ايڇ او راڻا جمشيد  مطابق 2  جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي باقي جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

سکر ۾ ميمڻ برادري جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي آغا بدر الدين ڪالوني واري علائقي جي رهواسي ميمڻ برادري جي  ماڻهن پاران پوليس جي زيادتين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي روشن علي ميمڻ، اسحاق، راحب علي، مبارڪ علي ۽ ٻين چيو ته سکر جي قادرا پور پوليس ڪوڙي ڪارنهن جي الزام هيٺ جوابدار امين جمالي جي چوڻ تي اسان کي حراسان ڪري رهي آهي، قادراپور پوليس جوابدار ڌر سان ملي ڪري روشن علي ميمڻ جي گھر تي چڙهائي ڪري گھر ۾ پيل سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، واقعي خلاف ايس ايس پي سکر کي شڪايت ڪرڻ باوجود سندس خلاف ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.