کپري ڀرسان الڳ الڳ واقعن ۾ 2 ڄڻا ڪکجي پيا

کپرو( ت ر) کپرو ويجهو اڇڙو ٿر ۾ برساتن پوڻ سبب نانگ بلائون زمين مان ٻاهر نڪري آيا نانگ بلائن جي آزار سبب رهواسين جون  ننڍون حرام ٿي ويون اڇڙو ٿر جي ڳوٺ ماڻڪائو ۾ گل محمد راڄڙ ۽ قاضي ڳوٺ جي رهواسي قربان راڄڙ کي نانگ ڪکي وڌو ٻنئي زخمين کي وارث تعلقه اسپتال کپرو کڻائي آيا جتي تعلقه اسپتال جي ڊاڪٽرن  ويڪسين ڪري نوجوانن جون زندگيون بچائي ورتيون جڏھن ته ٻنئي نوجوانن جو علاج هلندڙ آھي.

سجاول جوڻيجي لڳ نوجوان جو پاڻ تي فائر ڪري آپگهات

سجاول جوڻيجو ( ن ع آ ) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ بھادر ڀنڊ جو رھواسي مئٽرڪ پاس 16 سالن جو نوجوان محمد علي پٽ عبد الحڪيم ڀنڊ ڀنڊ چوڪ تي ڪرياني جي دوڪان تي پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي  ڪري زخمي ڪيو جنھن کي وارثن طرفان بروقت لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ايمرجنسي اسپتال پھچايو ويو ، جتي زخمن جا سور نه سھندي نوجوان فوت ٿي ويو ، فوتي نوجوان جو والد ۽ ٻه ڀائر سعودي عرب رھندا آھن جن کي فون تي اطلاع ڏنو ويو ، ھوڏانھن ڳوٺ بھادر ڀنڊ ۾ فوتي نوجوان جي گھر اطلاع ملڻ تي قھرام مچي ويو ، نوجوان جي خودڪشي جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگھيو آهي سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي پوليس طرفان واقعي واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪيا ويا ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او احمد نواز تنيو ٻڌايو ته ڄاڻ ملي آهي ته نوجوان طرفان گھرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي وئي آهي.

سونڊا ۾چائنا ڪمپني جي ملازمن جو زيادتين خلاف احتجاج

سونڊا (ن ع آ) ٽپال پروجيڪٽ هائيڊرو چائينا ڪمپني جي ملازمن سان ڪمپني اندر ٿيندڙ زيادتين خلاف ملازمن جو احتجاج،  انساني حقن جي تنظيم نوٽيس ورتو، انتظاميہ سان ملاقات، سمورا مسئلا حل. ان سلسلي ۾ ملازمن جو چوڻ ھو تہ ڪمپني جو ايڊمن ۽ سندس گارڊ اسان جي پگهارن مان جبري ڪٽوتي ڪن ٿا ۽ چوري خود ڪرائين ٿا ۽ الزام اسان مٿان هڻن ٿا، شڪايت ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍي ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، جنھن مسئلي جي پوئيواري ڪرڻ لاِءِ انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ جي صدر انيس هيلايو، جنرل سيڪريٽري ارشاد گندرو جي ھدايتن تي هيومن رائيٽس جي سيد شير علي شاھ ڪاضمي جي اڳواڻي ۾ ھڪ وفد نوري آباد ۾ ڪمپني جي انتظاميہ سان ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪري مزدورن جون شڪايتون ختم ڪرائي مسئلي کي حل ڪري مزدورن کي حق ڏياريو ويو. جڏھن تہ مسئلا حل ٿيڻ تي مزدورن انٽرنيشنل هيومن رائيٽس موومينٽ ٺٽو جي ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو.

شادي پلي جو روڊ هنڌان هنڌان ٽٽل، رهواسي تڪليفن جو شڪار

شادي پلي (ن ع آ)  شادي پلي کي ننڍن وڏن شهرن سان ملائيندڙ مک توڙي لنڪ  روڊن جي  حالت انتهائي خراب هئڻ ڪري منٽن جو سفر ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۾ طئي ٿيڻ لڳو ۔ شادي پلي  کان پٿورو ۔ پراڻي شادي پلي کان  آتڻا موري شادي پلي  کان گرهوڙ شريف ۽ شادي پلي شهر  کان سائينداد اسٽيشن سميت  ٻين ڪيترن ئي مک توڙي لنڪ روڊن جي حالت انتهائي خراب هئڻ ڪري حادثہ روز جو معمول بڻيل آهن ۔ جڏھن ته ايمر جنسي وارا مريض روڊن جي حالت خراب هئڻ ڪري اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي وڃن ٿا ۔شادي پلي ۾ 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ شادي پلي  جا ڪيترائي ڪچا پڪا روڊ ۽ پلون لوڙھي ويون هيون جنهن سبب 11 سال گذري وڃڻ مک توڙي لنڪ روڊ نه ٺھي سگهيا آهن ۔ جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۔ ان ڏس  هتان جي رهواسين امداد بلوچ ۔ گلشير بلوچ مينڌرو مل ۽  ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ڪيترا ڀيرا چونڊيل نمائندن کي شڪايت ڪئي پر ڪو بہ ٻڌڻ لا۽ تيار ڪونهي ۽  انهن حڪمرانن جي ڪن تي جون به نٿي سري اليڪشن مهل عوام کي سنهري باغ ڏيکاري وري ڳوليهو نٿا لڀن  ۽اگهور ننڊ ستل آهن، شادي پلي شهر کان ڀر پاسي وارن شهرن ڏانهن ويندڙ روڊن جي حالت خراب هئڻ ڪري ٽرانسپورٽرن  پنهنجيون گاڏيون بيهاري ڇڎيو آهن ۽ باقي جيڪي ايڪڙ ٻہ ايڪڙ  هلي رهيون آهن انهن پنهنجا ڀاڙا  به ٻيڻا ڪري ڇڏيا آھن ۔ جنهنڪري  اسان شديد مشڪلات کي منهن ڏيئڻ تي مجبور آهيون ۽  اسا جي ٻارڙن کي اسڪول پهچڻ ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيئڻو پوي ٿو۔ جڏهن تہ شهر ڏانهن ايندي ويندي 30 منٽ جي سفر کي ڏيڍ ڪلاڪ لڳيو وڃي ٿو ۔ روڍن جي حالت خراب هئڻ ڪري  حادثا روز جو معمول بڻيل آهن جنهنڪري ڪيترو ئي جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو رهي ٿو  ۔ هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فور طور تي نوٽس وٺي روڊن جي نئين سر مرمت ڪرائي غريب عوام کي پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.