ننگرپارڪر لڳ کنوڻ ڪرڻ سبب نينگري فوت

مٺي(بيوروچيف) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڀڙ ڀوڏيسر ۾ اوچتو کئنوڻ ڪرڻ جي نتيجي گھر جي چوئنري ۾ ويٺل 11 سالن جي  نينگري شاڪور ڌي پورو سوٽھڙ فوٿت ٿي وئي،جڏھن ته کيت ٻائي زال والجي ٺڪر،ڪور ٻائي زال ڀمرو سوٽھڙ،ڪملا زال پورو سوٽھڙ ۽ 15 ساله نينگري ڪينڪو زخمي ٿي پيا،سڀني زخمين ۽ فوت ٿيل نينگري کي تعلقه اسپتال آندو ويو آھي،جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ زخمين جو علاج شروع ڪيو آھي،زخمين جي حالت خطري کان ٻاھر ٻُڌائي پئي وڃي.

هڱورجا ۾تنيا برادري جي ماڻهن جو پوليس خلاف احتجاج

ھنڱورجا (ن ع آ) ھنڱورجا ۾ تنيا برادريء جي ماڻهن جو پوليس خلاف احتجاج نظر حسين تنيو,نياز حسين ۽ نذير حسين ھنڱورجا پريس ڪلب پھچي دانھيو آهي ته ٻه راتيون اڳ سندن ووئنڻن جي فصل مان ھمراھ ڦٽيون چونڊيندي سوين ماڻهن جي موجودگيء ۾ پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو,پوليس پڪڙيل ھمراھ  محمد اسلم تنيو کي ڇڏي ڏنو جنهن بعد ساڳي ڌر پاران حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي  جيڪا ناانصافي آهي ھنن مطالبو ڪيو ته کين انصاف ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

نصيرآباد ۾واٽر ڪورس مٿان غيرقانوني اڏاوت

نصيرآباد (ن ع آ) ضلعي قمبر جي تعلقي نصيرآباد  ۾ بااثر  پاران سرڪاري واٽر ڪورس مٿان غير قانوني اڏاوت ڪرائي ڇڏي ايريگيشن انتظاميا خاموش تماشائي  بڻيل پڇڙي واريون زرعي زمينون بنجر ٿيڻ جو خدشو ھارين آبادگارن پاران نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ ھارين حاجي الھڏنو پنھور ـ احمد علي ـ حاڪم علي ـ گلاب  ۽ ٻين ٻڌايو ته آرٿر شاخ مان نڪرندڙ واٽر ڪورس نمبر R 24  مٿان بااثر غير قانوني طور اڏاوت ڪرائي رھيو آهي جنهن تان زرعي زمينن ڏانهن پاڻي جي فراھمي بند آهي جڏهن ته ھزارين جريب زمين غيرآباد ٿيڻ جو خدشو  آهي اسان غريب ھاري فصل پوکي گھر جون ضرورتون پوريون ڪندا آھيون پر بااثر  بالا آفيسرن جي مدد سان سرڪاري واٽر ڪورس مٿان غير قانوني اڏاوت ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ پڇڙي جي آبادگار جون زمينون بنجر ٿي رھيون آهن اسان سان وڏو ظلم آهي اھڙيون شڪايتون ضلعي آفيسرن وٽ پڻ ڪيون آهن ھنن وڌيڪ اعليٰ اختيارين ڊي سي قمبر ـ ايريگيشن انتظاميا اي سي نصيرآباد  ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺي غير قانوني اڏاوت ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

خيرپور يونيورسٽي جي شاگردن تي تشدد خلاف ڄامشوري ۾ريلي

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سپاف طرفان شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي شاگردن  مٿان تشدد ۽ سندن جي گرفتاري خلاف هالار جمالي، رزاق بروهي، حسين زرداري، مهدي نظاماڻي، نجيب دستي، مظهر زرداري، اياز نوهاڻي، ساجد پهوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائيبري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي لطيف يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ شاگردن جي جائز حقن لاء جدوجهد ڪرڻ تي يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽي جي باشعور شاگردن سپاف اڳواڻن مٿان تشدد ڪرائي گرفتار ڪرايو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته شاه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن ۽ سپاف اڳواڻن مٿان ٿيل تشدد ۽ گرفتاري جو نوٽيس وٺي ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ خيرپور يونيورسٽي جي ڪرپٽ وائيس چانسلر کي هٽايو وڃي. احتجاجي ريلي ۾ آل اسٽوڊينٽ ايڪشن ڪاميٽي جي صدر عاجز لاشاري، شاگرد سڀا جو اڳواڻ جانب وساڻ، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جو اڳواڻ فدا پنهور ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.