ڪراچي مان کنڀيل شاگرد نه موٽيو، نوابشاهه ۾ بک هڙتال

نوابشاھ (ڊ  ر) شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم جساف نوابشاھه پاران اڄ 30 ھين ڏينهن تي به سرفراز ميمڻ، سندس ڀاءُ ايڊووڪيٽ صابر سھتو، فراز عباسي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي انھن چيو ته ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي 30ھين ڏينهن گذري ويا آھن جنھن جو ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي، ھنن چيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ھڪ پرامن شاگرد آھي جيڪو ڪنھن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناھي جيڪڏھن مٿس ڪو ڪيس داخل آھي ته قانون مطابق ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.