بدين ۾ وڊيو ڀريندڙ اوباش خلاف ايس ايس پي درخواست

بدين (ڊ ر) ميگھواڙي برداري جي عورتن جي وڍيو ڀري سوشل ميڊيا تي ڀتو نه ڏيڻ تي وائرل ڪرڻ جو انڪشاف  ناري جي وارثن پاران ايس ايس پي  بدين وٽ درخواست داخل ڪري ڇڏي ڪمپلين  سينٽر بدين تي وڍيو ڀريندڙ ۽ درخواست داخل ڪندڙن کي  گھرائي ورتو خبر موجب فردوس ڪالوني بدين جي رھواسي سماجي اڳواڻ ڀارو ميگھواڙ ايس ايس پي بدين کي درخواست داخل ڪندي ان ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته اسان قديمي فردوس ڪالوني ۾ رھندڙ آھيون اسان جون عورتون شھر اندر وڃي رھيون ھنيون ساڳي محلي ۾ رھندڙ زوھيب ولد محرم عرف مارو شيدي جيڪو مختلف وقتن تي علائقي جي رھواسين کي مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪندو رھي ٿو تازو 7.9.2021 تي جوابدار زوھيب گھر جي ڌر تي اچي چيو ته اوھان جي عورتن جي وڍيو مون وٽ موجود آھي جيڪڏھن توھان مون کي 20 ھزار اڌا نه ڪيا ته آئون وڍيو وائرل ڪندس ۽ اوھان جي عورتن کي خوار ڪندس رقم نه ڏيڻ تي وڌيڪ نقصان پھچائڻ جي به ڌمڪي ڏني آھي ان درخواست بعد ايس ايس پي بدين کين اڄ نارين جي وارثن ۽ الزام ھيٺ آيل جوابدار کي ڪمپلين سينٽر تي طلب ڪيو آھي جڏھن ته ميگھواڙ برداري جا ماڻھون پھتل ھئا پر الزام ھيٺ آيل زوھيب شيدي حاصر نه ٿيو ھو ڀارو ميگھواڙ موجب اسان کي زوھيب شيدي مان جاني نقصان جو خطرو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.