حيدرآباد ۾ميهڙ واسي جو احتجاج، زال ۽ ٻن ٻارن جي اغوا جون دانهون

حيدرآباد(رپورٽر) ميهڙ جي رهواسي عبدالغفار پٽ محمد يوسف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون زال ۽ 2 ٻارن جي اغوا خلاف احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته 4 مهينا اڳ علائقي جا بااثر ماڻهو منهنجي گهر واري ۽ ٻن ٻارن کي اغوا ڪري گم  ڪري ڇڏيو آهي، جن کي مون سان ملڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته بااثر محمد حسن وارن ڏانهن منهنجا 5 لک روپيا هئا جيڪي گهرڻ تان هو مون مٿان مڇرجي پيا ۽ منهنجي گهر ۾ نه هجڻ دوران زال ۽ 2 ٻار اغوا ڪري ويا آهن ۽ رهيل 5 لک روپيا به نه ٿا ڏين. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.