سڪرنڊ لڳ هٿياربندن جي واپارين کان ڦرلٽ، ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ جي قاضي احمد روڊ تي واقع نجي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ويندڙ  واپاري کان ڇهه لک روپيه ڦر. سڪرنڊ ٿاڻي جي مين گيٽ اڳيان ٻه ڪلاڪ ڌرڻو. سخت احتجاج. رپورٽ داخل. ڊي ايس پي جي يقين دهاني تي ڌرڻو ختم. خبر موجب سڪرنڊ شهر جو مشهور واپاري ڳوٺ حفيظ انڙ جو رهواسي ساجد انڙ ۽ مهيسر انڙ سڪرنڊ جي نجي بئنڪ مان ڇهه لک روپيه ڪڍرائي موٽر سائيڪل تي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته درگاهه پيرذاڪري ڀرسان ٻن موٽر سائيڪل سوار چئن هٿياربندن موٽر سائيڪل کي روڪي سندن کان ڇهه لک روپيه روڪ هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جنهن بعد سڪرنڊ جي واپارين من انڙ ، ساجد انڙ ، مهيسر انڙ ، غلام حسين انڙ ، نور حسين انڙ  ۽ ٻين سڪرنڊ ٿاڻي جي مين گيٽ  اڳيان احتجاج ڪندي من انڙ چيو ته منهنجا ڇوڪرا بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته شهر مان درگاهه پيرذاڪري وٽ هٿياربندن کين روڪي ڦر ڪئي آهي. هنن چيو ته واپاري غير محفوظ ٿي ويا آهن ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي پئسا کڻڻ روز جو معمول آهي. سڪرنڊ شهر ۾ ڦرن جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي سڪرنڊ پوليس ڦورن آڏو بيوس بڻجي ويئي آهي. هنن چتاءَ ڏنو ته جيڪڏهن پوليس واعدي مطابق اسان جا پئسا واپس نه ڪرايا ته سڪرنڊ شهر جا واپاري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا. ان موقعي تي ڊي ايس سمون کان بهڻ ۽ ايس ايڇ او سڪرنڊ وسيم مرزا واپارين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته ڦر ٿيل رقم جلد ئي واپس ڪرائي ويندي. جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. رابطي تي ايس ايڇ او وسيم مرزا ٻڌايو ته اسان معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. سي سي ٽي ذريعي ڦورن جي نشاندهي لاءِ ٽيمون جوڙيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.