پکي لڳ ڪار ڪلٽي، 3 ڄڻا زخمي

پکو (ن ع آ) پکو لڳ مين روڊ تي تيز رفتار ڪار ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا ان ڏس ۾ پکو  ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرپورجوسو وٽ مين انڊس ھاءّ وي روڊ تي لاڙڪاڻي طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار نمبر AKS 470 ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽيون کائي پاڻي جي تلاءّ ۾ ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ نصيرآباد واسي بابو ڏھر سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏھن ته ڳوٺاڻن بروقت پھچي زخمين کي تلاءّ مان ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ان حوالي سان زخمي بابو ڏھر ٻڌايو ته اسان نصيرآباد کان لاڙڪاڻي طرف وڃي رھيا ھئاسين ته پکو ڀرسان مين روڊ تي ڪتو ڪار سامھون آيو جنھن کي بچائيندي ڪار پاڻي جي تلاء ۾ ڪري پئي ۽ اسان 3 ڄڻا زخمي ٿيا آھيون ھُن ٻڌايو ته ڳوٺاڻن ترت پھچي اسان کي تلاءّ مان  ٻاھر ڪڍي ٻڏڻ کان بچائي ورتو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.