سارنگ شر عدالت پيش، ڪيس منتقل ڪرڻ جي درخواست رد

خيرپور (ڊ ر) خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻارن سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار سارنگ شر جي ڪيس جي ٻُڌڻي ٿي گذري . جوابدار سارنگ شر پنهنجي وڪيل سيد مراد علي شاھ معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف ڏنو ته سارنگ شر تي داخل 3 ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪيا وڃن جيڪي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ جھڙا ناهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج انعام علي ملڪ جوابدار جي وڪيل پاران داخل ڪرايل درخواست کي رد ڪندي ٽئي ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلائڻ جو حڪم ڏيندي جوابدار کي 27 سيپٽمبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اهڙو فيصلو ٽنھي ڪيسن جي فريادين سڪندر، زاهد ۽ رفيق احمد جي موجودگيءَ ۾ ڏنو. فريادين عدالت تي اعتماد ڪندي چيو ته جيڪو فيصلو عدالت ڪندي اسان کي قبول هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.