سنڌ ۾ ڪيو اي ٽي جا ڌاري آبادڪاري خلاف لڳاتار 14 هين ڏينهن مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي  لاء، پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي نوڪرين مان سنڌ جي ھزارين ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ڪالھ 14ھين ڏينھن بہ احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾ کورواھ ۾ ڪامريڊ وڪيو لاشاري، يوسف لاشاري، حاجي لاشاري، پير فراز شاھ صديقي، سومار ماڇي، مبارڪ سمون، ناز مٺو، سڪندر ڪاٺٻانڀڻ، گيانچند مھيشوري، سائين بخش خاصخيلي، موھن لال، علي شير، غلام رسول، غلام مصطفي الھڏنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي فاضل راھو چوڪ تي مظاھرو ڪيو۔ ٻڍوقمبراڻي محمد بچل احمداڻي، نبي بخش، ذوالفقار رند، قاصر ثاقب احمداڻي، دريا خان، ولي محمد راجپوت، ويرسي ڪولهي، نارائڻ ڪولهي، محمد يوسف باگراڻي، سائين بخش، فيض محمد خاصخيلي، ڏيوو ڪاريو، عبدالقيوم آرائين، پير بخش ڪلوئي، لکمير ڪلوئي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو۔ جاتي ۾ مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، اقبال رند، منظور سوھو، گل حسن رند، سردار ڪنڀار، بابو ملاح، اشفاق مڱڻھار ۽ سجاد ملاح جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪري جاتي چوڪ تي ڌرڻو هنيو۔ شھدادپور ۾ علي مردان کوسو، حضور بخش ڏاھري، حسن کوسو ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري مظاھرو ڪيو ويو۔ .  ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي چيو  وفاقي حڪومت سنڌ سان مسلسل زيادتي ڪري رهي آهي۔ سنڌ ۾ هڪ سازش تحت ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي۔ اھا سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي۔ حڪومتي سرپرستي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن۔ مختلف وفاقي کاتن مان هزارين سنڌي ملازمن کي برطرف ڪري سنڌ جي ماڻھن کي بک ۽ بدحالي جو شڪار بنايو پيو وڃي۔ اشرف پليجي چيو تہ سنڌ جو عوام ڪنهن بہ صورت ۾ افغانين ۽ ڌاري آبادڪاري کي قبول نہ ڪندو. هڪڙي پاسي مهانگائي ڪري عوام کي ڳڀي جي لاءِ پريشان ڪيو  ويو آهي تہ ٻئي پاسي وفاقي حڪومت تعصب پرستي ڪندي ايم ڪيو ايم جي نمائندن جي فرمائش تي وفاقي ادارن مان هزارين سنڌي ملازمن کي برطرف ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي۔ علي مردان کوسو چيو تہ سنڌ جو عوام پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهي۔ سنڌ جي حصي جي پاڻي تي پنجاب قابض بڻيل آهي۔  هڪڙي پاسي سنڌ حڪومت سنڌ جي ھزارين لکين ايڪڙ زمين تين وال ڪري رھي آھي، ڌارين کي زمين ڏياري ڌرتي ڌڻين لاء ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري سرسبز زمينون سوڪھڙو جي ور چاڙھي سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.