غوثپور ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا

غوثپور (ن ع آ ) سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان اسسٽنٽ ڊائيريڪٽر عبدالسميع راڄپر ۽ ڊاڪٽر سيد امتياز شاھ جي اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف شھر اندر ڪريڪ ڊائون پنج ڪلينڪون سيل۔ ڪيترائي ڊاڪٽر ڪلينڪون ڇڏي فرار ٿي ويا۔ وڌيڪ مليل ڄاڻ موجب سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان پوري سنڌ اندر عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪيتري عرصي کان ڪاروايون جاري آھن ۽ اڄ ٽيم جي اسسٽنٽ ڊائيريڪٽر عبداسميع راڄپر ۽ صحت کاتي ڪشمور جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سيد امتياز شاھ جي اڳواڻي ۾ غوثپور شھر جي مختلف ھنڌن مئن بس اڏو۔ شاھي بازار ۽ دولي چوڪ واري علائقي ۾ اوچتو ڪاروائي ڪري ھڪ ليبارٽري ۽ پنج ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون۔ ٽيم جي شھر اندر داخل ٿيڻ ۽ ڪاروائي ڪرڻ جي خبر ڦھلجڻ تي ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪون خالي ڪرائي تالا ھڻي فرار ٿي ويا۔ ان موقعي تي ٽيم جي اڳواڻن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ڪورٽ جي ڏنل حڪم تحت پوري سنڌ اندر عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ليبارٽرين خلاف ڪاروايون جاري آھن  غوثپور اندر ڪاروائي ڪري ھڪ ليبارٽري ۽ پنج ڪلينڪون سيل ڪيون آھن ۽ اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي به ڏنو آھي جيڪڏھين ڪنھن سيل کولي ته سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.