حقيقي جمهوري پارٽي جي گهرج ۽ اين ڊي ايم جو قيام

تحرير: زلف پيرزادو

اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتيءَ سان حقيقي عوامي جمهوري راڄ هڪ خواب بڻيل آهي. نتيجي طور چونڊون ٿيڻ باوجود عوام کي ووٽ جي اهميت جو احساس ئي نه ٿي سگهيوآهي ۽ وڏيرڪي، سرداري ۽ جاگيرداري چنگل مان آزاد نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ملڪ،  معاشي طور ترقي ڪري سگهيو آهي ڇو ته سياسي ۽ معاشي فيصلن ۾ عوام جي شرڪت ئي نه آهي. عوام ووٽ ڪنهن کي ٿو ڏئي ۽ وري ڪنهن جي ڪاميابيءَ جو اعلان ٿو ٿئي، سو حال وڏي عرصي کان ڏسي رهيا آهيون ۽ هينئر به جيڪي حڪمراني ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪٿان اهو حق مليو آهي يا ڪٿان ووٽ مليا آهن، ان تي به عوام کي ڏندين آڱريون آهن ۽ پنهنجي اڻ ڪيل گناهه جي سزا به ڀوڳي رهيا آهن.

جمهوري نظام لاءِ جدوجهد ڪرڻ جون دعويدار پارٽيون ۽ عوام کي طاقت جو سرچشمو سڏيندڙ پارٽيون عملي طور ڪرسيءَ خاطر جمهوريت جي ويرين اڳيان وڃي سجدو ڪري پروٽوڪول ۾ وڏي طمطراق سان واپس ورن ٿيون. اهڙي طرح عوام کي حق ڏيارڻ بدران عوام آڏو پاڻ کي جوابده سمجهڻ بدران انهن جي خدمت ۽ جي حضوريءَ ۾ رات ڏينهن رڌل هجن ٿيون جتان کين گوڏا کوڙي سجدي ڪرڻ عيوض ڪرسي ملي ٿي. نتيجي طور هو عوام جي احتساب کان آجا آهن. عوام ووٽ نه ڏئي احتساب ڪرڻ چاهي ٿو ته الٽو عوام جو احتساب شروع ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ته اوهان ووٽ نه ڏنو ته ڇا اسان کي اقتدار نه مليو! اهڙي طعني کانپوءِ ڀوتار جيڪو حشر ماڻهن سان ڪن ٿا ۽ جيئڻ جنجال ڪن ٿا ان جي نتيجي ۾ عام ماڻهن جو ووٽ جي اهميت تان ويساهه کڄڻ فطري عمل آهي.

عوام جي ٻي وڏي بدقسمتي اها آهي ته کاٻي ڌر جي نظرياتي سياست به زوال جو شڪارآهي. کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ ڪجهه ڌڙا سرگرم ضرور آهن پر اهي به اڃا تائين هيٺين سطح تي عوام تائين پهچي ڪا طاقت بڻجي نه سگهيا آهن جيئن ماضيءَ ۾ کاٻي ڌر هڪ طاقت طور موجود هئي پر رياستي ڏاڍ، سازشن ۽عوام دشمنن جي حملن سبب ماضيءَ جو قصو بڻجي وئي. حاصل مقصد ته هن وقت نه کاٻي ڌر آهي ۽ نه ئي حقيقي جمهوريت جي قيام لاءِ پتوڙيندڙ ڪا پارلياماني پارٽي آهي ايئن کڻي چئجي ته سياسي ڏڪار آهي. جيڪو وڏي مهارت سان هٿرادو طور آندل آهي.

شايد ان صورتحال کي محسوس ڪندي ماضيءَ ۾ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل اڳواڻن، قومپرستن، ترقي پسند ۽ لبرل سوچ رکندڙ دوستن وڏي وقت کان صلاح مشورن ۽ بحث مباحثي کانپوءِ نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي نالي سان پارلياماني جمهوري پارٽي جوڙي ورتي آهي، جنهن جو مرڪزي آرگنائيزر پشتون تحفظ موومينٽ سان سلهاڙيل ايم اين اي محسن داوڙ کي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن اڳواڻي سنڀالڻ کانپوءِ پي ٽي ايم کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته جميلا گيلاني، مزمل شاهه، جنرل سيڪريٽري طور ۽ عبدالله ننگيال، ابراهيم خان، هارون بازئي، انور سليمان خيل، اعزاز اسلم ۽ طارق وزير خان مرڪزي آرگنائيزنگ ڪميٽي ۾ ميمبر طور شامل آهن.

پارٽي جو اعلان ڪرڻ وقت کاٻي ڌر جو اڳوڻو مشهور اڳواڻ افراسياب خٽڪ ۽ ايڊووڪيٽ لطيف  آفريدي به محسن داوڙ سان گڏ هئا. پريس ڪانفرنس ۾ پارٽي منشور ۽ جهنڊي جو به اعلان ڪيو ويو. پارٽيءَ جي نالي ۽ منشور مان ته اها خبر پئي ٿي ته ملڪ گير پارلياماني جمهوري پارٽي آهي پر عهديدار ۽ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جا ميمبر ٻن صوبن سان تعلق رکندڙ آهن.ڇاڪاڻ ته اعلانيل عهديدارن ۽ ميمبرن جي قوميت بابت مونکي صحيح ڄاڻ نه آهي ان ڪري به ٿي سگهي ٿو ته مون غلط سمجهيو هجي پر سنڌ ۽ بلوچستان سان  لاڳاپيل ڪو عهديدار يا ميمبر نظر نه آيو. بهرحال ابتدا آهي يقيني طور سرگرميون شروع ٿينديون ته صوبائي عهديدار  به چونڊيا ويندا ۽ انهن کي مرڪزي قيادت ۾ به ضرور شامل ڪيو ويندو.

اصل ڳالهه اها آهي ته نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جهڙي پارلياماني پارٽي وقت جي گهرج هئي جيڪا ملڪ ۾ حقيقي جمهوري نظام جي قيام لاءِ جدوجهد ڪري، قومن کي خودمختياري ڏياري ، هارين، مزدورن ۽ شاگردن کي يونينن سميت بنيادي حق ڏياري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سياسي معاملن مان مداخلت ختم ڪرائي سگهي. اها اميد ان ڪري به آهي ڇاڪاڻ ته جن اڳواڻن ڊگهو مدو بحث مباحثا ڪري پارٽيءَ جو اعلان ڪيو آهي انهن جو ماضي اسٽيبلشمينٽ مخالف سياسي جدوجهد وارو آهي. ان ڪري به هو اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سان اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪندا، ان ڪري نئين پارٽي ۽ قيادت مان چڱائيءَ جون اميدون آهن ۽ سندن سرگرمين جي شروع ٿيڻ جو انتظار به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.