تعليم کاتي سنڌ ۾ ڪرپشن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به آواز اٿاري ڇڏيو

ايڊيٽوريل

سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن متعلق هاڻي عالمي فورمن تان پڻ آواز اچن لڳا آهن، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشل، پاڪستان چيپٽر پاران سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ صوبي جي تعليم کاتي ۾ مبينا طور تي ڪرپشن جو هڪ وڏو اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن موجب سنڌ جي هاءِ اسڪولن کي فرنيچر طور فراهم ٿيندڙ ڊيسڪون 320 سيڪڙو وڌيڪ رقم تي خريد ڪرڻ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن، لکيل خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته صوبي جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 10 جون 2021ع تي صوبي جي اسڪولن ۾ ڊيسڪن جي سپلاءِ ۽ ڊليوري لاءِ چار ٺيڪا ڏنا، جنهن جي ماليت پنج ارب رپيا آهي، جاري ڪيل ٽينڊر جي موٽ ۾ جيڪي آڇون موصول ٿيون انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ واڪ في ڊيسڪ 5700 رپين کان 6860 رپيا ٽيڪس سميت هيا پر تعليم کاتي اڻڄاڻ سببن جي بنياد تي اهي گهٽ قيمت وارا واڪ رد ڪري ڇڏيا ۽ اها آڇ قبول ڪئي جنهن موجب في ڊيسڪ جي قيمت  23 هزار 985 رپين کان 29 هزار 500 رپيا ٽيڪس سان گڏ رکي وئي  آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل پاڪستان چيپٽر پاران سنڌ جي تعليم کاتي ۾ فرنيچر جي مد ۾ جنهن ڪرپشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان متعلق اڳ به ميڊيا جي سيڪشنز ۾ خبرون اينديون رهيون آهن، نه صرف ايترو پر سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪرپشن کا اڳتي وڌي ڪري اسڪولن جي سطح تي جيڪي فنڊ اسڪولن جي ترت گهرجن لاءِ جاري ٿيندا آهن انهن ۾ ڪرپشن جون خبرون به اينديون رهيون آهن، اهي فنڊ جيڪي نياڻين جي جاءِ هاجت جي تعمير، ٻارڙن جي پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ اسڪولن ۾ فوري نوعيت جي ننڍن خرچن لاءِ حڪومت جاري ڪندي آهي، انهن ۾ ڪرپشن جون خبرون به اينديون آهن،

سوال هي آهي ته ڪرپشن سنڌ حڪومت جي مڙني شعبن ۾ هُجي يا وري تعليم جي شعبي ۾ هُجي اها وزارت تائين هُجي يا وري وزارت کان هيٺ اسڪولن تائين هُجي، اها هاڻي ڪا لڪل ڳالهه نه آهي، جنهن ڪرپشن جي خبر ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي ٻن سالن کانپوءِ پئي آهي ، ان ڪرپشن متعلق ميڊيا ٻه سال اڳ خبرون ۽ رپورٽُون هلايون آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي ڪرپشن جي ڪيسن جي سلسلي ۾ ڏنل ريمارڪس مان هڪڙو ريمارڪ تمام گهڻو مشهو ر ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي جج چيو هو، پاڪستان جي ٽن صوبن کي بنياد پرستي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سنڌ کي ڪرپشن تباهه ڪري ڇڏيو آهي”،

ڪرپشن ڄڻ پاڪستان جي سياست ۽ حڪومت جو ڏاج آهي، ۽ هاڻي بدقستي اها آهي ته پاڪستان جي سماج جي پڻ هڪ روايت بڻجي وئي آهي، سنڌ به پاڪستان جو هڪ حصو آهي ظاهر آهي جيڪا هوا ملڪ جي ٻين صوبن ۾ گهلندي ان جو اثر سنڌ تي به پوندو، سنڌ جي حوالي سان بدقسمتي اها آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڪا حد مقرر نه آهي، جنهن ڪري سنڌ جي سماج ۾ نه سماجي ترقي نظر ايندي ۽ نه ئي وري عوامي ترقي نظر ايندي، سنڌ ۾ جهڙي نموني اڄ کان ٽي چار ڏهاڪا اڳ عوام زندگي گذاريندو هو هن وقت ان کان به بدتر زندگي گذاري رهيو آهي، انسان ۽ سماجي ترقيءَ  جي حوالي سان سموري دنيا جو هڪڙو ئي اصول آهي ته جنهن سماج ۾ تعليمي ترقي نه ٿيندي تنهن سماج ۾ نه ته سماجي ترقي ٿيندي ۽ نه ئي وري انساني ترقي ٿيندي، سنڌ ان حوالي سان بدنصيب آهي ته هتي  نه سماجي ترقي نظر ايندي ۽ نه ئي وري عوامي ترقي نظر ايندي.

اسان اڳ به سنڌ حڪومت کي ڪيترن ئي موقعن تي اها گذارش ڪندا رهيا آهيون ته اوهان جي حڪومت جو هر ماڻهو پارسا ۽ موتيءَ جو داڻو آهي، اسان جو ڪنهن تي به ڪوالزام نه آهي، پر سوال هي آهي ته جڏهن اسڪولن ۾ ٻارن کي بنيادي سهلوتون ميسر نه هجن ۽ اسپتالن ۾ مريضن کي بنيادي سهولتون نه مهيا ڪيون وڃن، جڏهن ته بنيادي سهولتن لاءِ ڏنل بجيٽ ڪروڙن ۽ اربن ۾ هُجي ته ان جو مقصد ڇا سمجهجي. تنهنڪري اسان هن موقعي تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي سمورن وس وارن کي رڳو اها ئي گذارش ڪرڻ چاهينداسين ته مهرباني ڪري رڳو تعليم جي شعبي تي رحم ڪريو ته جيئن سنڌ جي نسلن کي مناسب تعليم ملي سگهي ۽ هو سماج کي جوڙڻ جهڙو ٿي وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جي مستقبل کي مڪمل اونڌاهي، تباهي ۽ برباديءَ کان ڪنهن به صورت ۾ بچائي نه سگهبو ۽ ان وقت جڏهن سنڌ جي اهڙي صورتحال لاءِ ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو ته پڪ سان هن وقت جي حڪمرانن جا نالا ئي کنيا ويندا، تنهنڪري بهتر اهو ٿيندو ته سنڌ جي تعليم کاتي سميت سنڌ حڪومت جي هر کاتي جي ڪارڪردگي شفاف بڻائي وڃي، ۽ ڪرپشن جي لڳندڙ الزمن کي عملي طور تي ڪوڙُ ثابت ڪيو وڃي. اسان سمجهون ٿا ته ان کان سواءِ سنڌ جي ترقيءَ جو ڪو ٻيو رستو نه آهي ۽ نه ئي وري حڪمرانن لاءِ ستائڻ حاصل ڪرڻ جو ڪو ٻيو ذريعو ٿي سگهي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.