اظهار جي آزادي لاءِ صحافين جي احتجاجي تحريڪ کي سمجهڻ جو سوال

تحرير: حميده گهانگهرو

قرآن، ڪتاب، قانون، آئين، ماضي حال ۽ مستقبل کي سڀ کان اڳ ۾ قلم سان قلمبند ويا تڏهن وڃي انسان جي صحيح سڃاڻپ ۽ تاريخ ٺهي. جيئن اک بنا انسان اڻپورو يا انڌو هوندو آهي تيئن انسان جي سڃاڻپ قلم ئي آهي جنهن تاريخ لکي ثابت ڪيو ته ڌرتي تي رهندڙ جيوت ۾ سوچ، فڪر، سمجهه ۾ سڀ کان اعليٰ انسان ئي آهي. پوءِ ڏات مطابق سوچ جي سرمائي گڏ ٿيڻ شروع ڪيو. استاد، اديب، شاعر، ڊاڪٽر وڪيل مطلب هر مڪتب فڪر جي سڃاڻپ علم شعور ۽ قابليت جي بنياد تي نکرڻ لڳي. انهن سڀني جو سنگم هڪ ذميواري چئجي، پيشو چئجي، جذبو، جوش جنون يا سچ ۽ حق جو آواز.

ليکڪ صحافي، سماج سڌارڪ پنهنجي سر تي سڀ سور سهي تلوار کان تکو ٿي سماج جو آواز بڻجي هڪ صحافي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر انسان، سماج جي ڏک، سور، ضرورت ۽ حقن جي پرچار لاءِ  حڪمرانن جي ايوانن ۽ وڏن ادارن ۾ سفير جو ڪردار به ادا ٿو ڪري. اهو سچ آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا پراڻي دور واري سالن جي سفر ۽ رابطي کي سوڙهو ڪري سيڪنڊن  جي زنجير ۾ جوڙي ڇڏيو آهي.

صحافي، سماج جي پل تي هلندڙ اهڙو سپاهي آهي جنهن کي خبر ناهي يا پرواهه نٿو ڪري ته سندس سچ کي ڪيترو برداشت ڪيو ويندو. پر تنهن هوندي به هو پنهنجي آزمائش جي جذبي کان هٿ نه کڻندي به اڳتي وڌي ٿو. توڻي جو کڻي سندس سزا ۾ زندگي ۽ موت جو مثال لڪل ناهي پر تنهن هوندي به فرض شناسي جو جذبو ماٺو ناهي. پر انصاف جي آواز کي، اڳتي وڌائڻ واري آواز کي پنهنجي ناانصافي ڪيئن  برداشت ٿيندي. هو ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف پانڌيڙو پکي ٿي اڏامي ٿو. هونئن به جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي سڃاڻپ ۽ پل پل جي ڄاڻ ملي ٿي ته اها صحافت ذريعي ئي ملي ٿي.

ماضيءَ جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن صحافين پنهنجي حق ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ته کين سخت کان سخت سزائون ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. قلم کائنس کسي هٿ ٻڌي پٺيءَ تي ڪوڙا وسايا ويا. زبان بندي لاءِ قيد جون سزائون ڏنيون ويون. ڪيڏو نه وڏو لطيفو آهي ته هٿ ٻڌي ڏنڊا ٻيڙيون ۽ هٿ ڪڙيون ته هڻي سگهجن ٿيون پر سوچ جي قيد جو ڪو پڃرو ناهي ٺهيو. ها اهو ضرور ٿيو آهي ته سچ ڳالهائيندي صحافين جون شهادتون ٿيون آهن. وقت کان اڳ عمر جي خوابن واري زندگي ۾ جان جي قرباني ڏئي ڌرتي ماءُ جي جهولي ۾ سمهي پيا.

صحافتي جدوجهد جي تاريخ انهن کي ولي بابر، اجي لالواڻي، شان ڏهر، شاهينه شاهين، ڪاشف انصاري، ذوالفقار مندراڻي، جاويد الله خان، عزيز ميمڻ، علي شير راڄپر ۽ ٻين جي نالن سان سڃاڻي ٿي.

ڪنهن سوال ڪيو ته سياست ڇا آهي دراصل سياست سماج جي تجزئي مشاهدي، سمجهڻ واري سوچ کي نظر ۾ رکي سچ جو آواز آهي.  پر ٿئي ايئن ٿو ته سياست ڪندڙ  ۽ سياسي سڃاڻپ رکندڙ ڪڏهن اقتداري سياست جي ويڙهه ته ڪڏهن الزام تراشي جي ويڙهه ته ڪڏهن پارٽي پارٽي ٺاهڻ جي ميوزيڪل چيئر واري گيم ۾ مصروف هوندا. تجزيو ۽ تحقيق اهو ئي ٻڌائي ٿو ته صحافي دراصل خاموش نظرياتي پرچارڪ آهي. جيڪڏهن هو سچ لکي ٿو ته هو سچ سمجهي ٿو تڏهن سچ جي ڄاڻ ڏئي ٿو. ظلم جبر جي ڄاڻ ڏيڻ کان ڪين ڪيٻائي ٿو. اڄ جي جديد دور ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جا مختلف ذريعا آهن جن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي.

ملڪي حالتون، حڪومت جو ڪردار، صحافتي ٻيڙي ۾ سفر بنا اڻپورو آهي. ڇا حڪمرانن کي رڳو پنهنجي پرچار لاءِ صحافيءَ جي ضرورت آهي. ۽ صحافي جي ضرورت بي مقصد  ۽ بي معنيٰ سمجهي وڃي ٿي. ڪيتري عرصي کان ملڪي معاشي، زرعي، صنعتي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي. بلڪه تباهه آهي سمجهو ملڪ خوشحاليءَ بدران بربادي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي درياهه ۾ پاڻي ناهي، آبادگار پريشان آهن. فصلن پوکڻ جو وقت گذريو وڃي وري مٿان تيار فصل جي اگهن سان ايڏي هيرڦير جو آبادگار پريشان مٿان وري صنعتن ٺاهڻ بدران هزارن جي تعداد ۾ پورهيت بيروزگار ڪري بي يارو مددگار نندڻڪو ڪيو وڃي ٿو.

1947ع ۾ آئين ۽ قانون تحت عوام کي آزاديءَ سان رهڻ جو حق ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي نالي ۾ خودمختيار رياست ٺاهي وئي پر اڄ ملڪ جو عوام پاڻي، بجلي، گئس، صحت، تعليم روزگار بابت ملڪ جي حڪمران کي پڪاري ٿو ۽ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري ٿو پر ملڪ جي حڪمرانن جي ڪنن ۾ ڄڻ ڪا ڪپهه پيل ۽ سن گلاس پاتل آهن اڳ اسٽيل جا هزارن ۾ جبري ملازم برطرف ڪيا ويا پوءِ سوئي گئس اهڙي طريقي سان ٻين ننڍن وڏن ادارن ۾ خسارو ڄاڻائي تمام گهڻي بيروزگاري ڪئي وئي آهي. گهڻو انگ ان صحافتي لڏي جو چئي سگهجي ٿو جن جو صحيح تدارڪ نه هئڻ ڪري يا ته ادارن مان بيروزگاري جو نشانو بڻايا ويا يا وري جيڪي بچيا آهن ته بيروزگاري جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن جن جو سڌوسنئون تعلق اداري جي مالڪن طرفان  زيادتي نه پر حڪومتي رويي، صحافتي ادارن ڏانهن بي ڌياني ۽ سندس رهتون نه ملڻ جي صوررت ۾ ملازمن کي نشانو ٿو بڻجڻو پوي. جڏهن هڪ صحافيءَ کان پڇيو ويو ته هن وراڻيو صحافي معنيٰ پنهنجي تڪليفن کي به عوام جي تڪليفن سان جوڙي فرد نه پر افراد جي حيثيت ۾ حق جي ويڙهه وڙهي ٿو ۽ اظهار ڪري ٿو. هو ڪيئن چوي ته اها ناانصافي رڳو مون سان آهي. هو انکي معاشري جي آواز سان ڳنڍي ٿو.

اڄ جڏهن اسلام آباد جي ايوانن آڏو صحافين جو لشڪر ڪٺو ٿيو آهي ته هيءُ لشڪر ڪنهن حملي ڪندڙن جو نه، ارغونن ۽ ترخانن وانگر قبضو ڪرڻ وارن جو نه پر پنهنجي صحافتي آزاديءَ جي آواز تي مڙهيل جبري پابندي ۽ محدود رکڻ واري سوچ کي للڪارڻ لاءِ جمع ٿيا آهن. ڪنهن به اهڙي قانون کي مڃڻ کان انڪاري آهن  جيڪو سندن صحافتي ڪردار کي ڏنڊا ٻيڙي جي قيد ۾ هجي.

هن وقت سڀ کان اهم مسئلو تعليم جي تباهي ۽ بي روزگاري آهي. ٻئي پاسي روزگار جا ذريعا عوام کان کسيا ٿا وڃن ٽئين پاسي انهن سڀني مسئلن جي آواز کڻي هلڻ واري صحافتي ادارن ۾ مالي بحران ته آهي ئي مٿان وري اهڙيون سختيون ۽ پابنديون لڳائڻ جو مقصد ملڪ کي جمهوري ڌارا ۾وٺي وڃڻ بجاءِ پراڻي شهنشانيت يا بادشاهت ڏانهن نيڻو آهي ڇا؟

پي ٽي آءِ جو پهريون ڀيرو حڪومت ۾ اچڻ لاءِ پاڻ عام ماڻهوءَ جي به اها خواهش هئي ته سينيئر پارٽين جا ٻه ٻه، ٽي ٽي ڀيرا اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ به عوام جا بنيادي مسئلا جيئن جو تيئن وڌندا رهيا. مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. ملڪ ۾ صنعتي ادارن جو وڌڻ بدران گهٽجڻ شروع ٿي ويو. اسٽيل مل جهڙو ادارو تباهي ۽ بربادي جي ڪناري تي پهچي ويو. نهايت ڏک جهڙي صورتحال اها ته جن ماڻهن زندگيءَ جا 3 حصا اداري ۾ گذاريا ۽ رٽائر ٿيڻ جي ڪجهه سالن بلڪه ڪن کي ته 10 سال به اڃا هئا انهن کي اوچتو بنا ڪنهن پيڪيج ڏيڻ جي رٽائر ڪيو ويو. اها خبر هئڻ گهرجي ته اسٽيل مل سيمي گورنمينٽ ادارو آهي جنهن جي پينشن نه پر اولڊ ايج بينيفٽ آهي جڪو اٺ هزار پنج سئو آهي تنهن ۾ سڄي گهر سنڀالڻ وري گهر کان بي گهر ٿيڻ جي صورت ۾ ڪهڙو مهذب ماڻهو زنده رهي سگهي ٿو. ڪيترن جا اوچتو هارٽ اٽيڪ ٿي ويا اهو سڀ ڪجهه ماضيءَ کان اڄ تائين جي صورتحال آهي. بلڪه ڪجهه ڏينهن اڳ سوئي سدرن گئس مان 16000 ملازمن بنا ڪنهن سبب جي بيروزگار ڪيا ويا. ڪورونا ڪري عام ماڻهو اڳ ئي بي روزگاري جهڙي زندگي گذاري رهيو آهي. موجوده حڪومت جي انهيءَ رويي کي غير سنجيدگي سمجهجي يا ملڪ جي بهتري؟

اهڙي صورتحال ۾ صحافي، سماج جي هر مسئلي جي آواز کي اٿارڻ لاءِ ڪنهن به سياسي جماعت جي ڌر ٿيڻ پسند ناهي ڪندو پر ڏسجي ته صحافي هميشه عير جانبدار رهيو آهي. اڄ هو پنهنجي مسئلن ۽ زيادتين خلاف آواز اٿارين ٿا ته اهو انهن جو بنيادي حق آهي جيڪو تسليم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.