اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو خيال ته سٺو آهي پر…

تحرير: طلعت عباس خان

هن وقت حڪمران ڌر جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ مشين جي ذريعي ڪرايون وڃن ته جيئن چونڊون صاف ۽ شفاف ٿي سگهن. اها سوچ ته تمام سٺي آهي پر هن ملڪ ۾ چونڊون ڪڏهن صاف ۽ شفاف نه ٿيون آهن ۽ ان ڳالهه سان به اتفاق ڪري نه ٿو سگهجي ته اليڪٽرانڪ مشين سان چونڊون صاف ۽ شفاف ٿي سگهنديون!.

مون ان معاملي کي سمجهڻ لاءِ بابا ڪرمون ۽ بابا فيڪا سان هڪ ڪچهري ڪئي، ۽ کين ٻڌايو ته حڪومت ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊُون ڪرائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ مشين جو سهارو وٺڻ چاهي ٿي،

بابا ڪرمون معلوم ڪيو، ” انهن مشينن ذريعي چونڊون ڪرائڻ ۽ مشينن جي تياري ۽ خريداريءَ تي ڪيترو خرچ ايندو؟” مون کي ٻڌايو، ” تقريبن هڪ سو سٺ ارب روپيا، حڪومت موجب“، بابا ڪرمون منهنجو جواب ٻڌي حيران ٿي ويو، چيائين، ” ايترن پئسن مان ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ چار وڏيون اسپتالون قائم ڪري سگهجن ٿيون، ايتري وڏي رقم کي خرچ ڪري ملڪ مان جهالت ختم ڪري سگهجي ٿي، ملڪ ۾ هن وقت چونڊون جنهن به نموني ٿين ٿيون انهن ۾ رڳو هڪڙي ئي خامي آهي، جنهن مان نجات حاصل ڪرڻ لڳي ٿو ممڪن ناهي“،

بابا ڪرمون وڌيڪ ٻڌايو، ” هن نظام ۾ هر چونڊ ۾ جن ماڻهن جي ڪري ڌانڌلي نظر ايندي آهي ۽ چونڊن کانپوءِ ڌانڌليءَ جو شور ٿيندو آهي، ان خاميءَ کي دور ڪرڻ ويچاري عوام جي وس جي ڳالهه نه آهي،اليڪٽرانڪ مشينن کي به ته اهي ئي انسان هلائيندا جيڪي هن سسٽم کي هلائي رهيا آهن، تنهنڪري ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ مشينن سان چونڊون ڪرائڻ جو مقصد آهي ملڪ جي پسئي کي ضيان ڪرڻ“،

بابا ڪرمون وڌيڪ چيو، ” اسان جي پاڙي سري ملڪ ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ٿينديون آهن پر هي چونڊون رڳو ملڪ جي چاليهه سيڪڙُو علائقن ۾ ٿينديون آهن. انهن علائقن ۾ نه ڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جو شور ٿيو هو ۽ نه ئي وري ووٽن جي چوري ٿيڻ جون شڪايتون هيون، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي چونڊُون ڪرائڻ جو عمل آمريڪا سميت دنيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندو آهي. دنيا جي جن به ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي ووٽنگ جو عمل ٿئي ٿو انهن ملڪن ۾ اها شڪايت ڪڏهن به نه هُئي ته اتي ڪو چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي رهي آهي يا اتي چونڊون صاف ۽ شفاف نه ٿينديون هيون، پر دنيا جي جن به ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي چونڊن جو عمل ڪرايو وڃي ٿو انهن ملڪن ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلين کي ختم ڪرڻ مقصد هرگز نه هوندو آهي ۽ نه ئي اليڪشن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ هوندي آهي.

بابا فيڪا جو چوڻ هيو ته، ” دنيا جي جن به ملڪن ۾ چونڊون اليڪٽرانڪ مشين جي ذريعي ڪرايون وڃن ٿيون، انهن ملڪن ۾ ڪڏهن به عوام اليڪشن ڪرائڻ وارن ڏانهن آڱريون نه کنيون ته ڪو انهن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائي آهي، عوام بيلٽ باڪسن ۾ وڌو ڪجهه ۽ انهن مان وري نڪتو ڪجهه ۽ جڏهن وري انهن چونڊن جا رزلٽ ٻڌايا ويا ته اهي وري ڪجهه ٻيا هيا”،

بابا فيڪا جو چوڻ هيو ته، ” انهن ملڪن ۾  اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊُون ڪرائڻ جو مقصد رڳو عوام کي سهولت مهيا ڪرڻ هيو، جڏهن ته اسان هن ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين رڳو ان مقصد لاءِ لاڳو ڪرڻ گهرون ٿا ته جيئن چونڊن ۾ ڌانڌليون ختم ٿي سگهن. اسان جي ملڪ ۾ جيڪو چونڊن جو سسٽم لاڳو آهي ان کي سواءِ هڪ رپيو خرچ ڪرڻ جي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو ، پر ان کي بلڪل به ٺيڪ نه ڪيو ويندو ڇو جو اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن نه ٿيندي آهي، پر اليڪشن جي نالي تي سليڪشن ٿيندي آهي، جيڪڏهن اوهان کي ملڪ ۾ سليڪشن ئي ڪرڻي آهي ته پوءِ ملڪ جي غريب عوام جو ايڏو وڏو سرمايو ڇو ٿو ضيان ڪيو وڃي“.

بابا فيڪا پنهنجي ڳالهه چوندو رهيو، ” هن ملڪ جي موجوده چونڊن جي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪنهن به رقم جي ضرورت نه آهي، جنهن ملڪ جو نظام ئي غير ۽ پرڏيهي آقا هلائيندا هجن ان ملڪ جا حڪمران پنهنجي ملڪ جي عوام جو ڪهڙُوخيال ڪندا، دنيا جا ڪيترائي ملڪ خاص ڪري عرب ملڪ اهڙا آهن جن جي تيل ۽ معدنيات جي دولت تي پرڏيهي قابض آهن ۽ ڪنهن کي به اها جرئت نه ٿي ٿئي ته هو انهن ملڪن ۾ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري يا انهن جي حقن جي ڳالهه ڪري. انهن ملڪن جو عوام بکن ۾ پاهه ٿي رهيو آهي، انهن وقت نه تعليم آهي ۽ نه ئي صحت جون ڪي سٺيو سهولتون آهن، پر ڪوبه انهن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪويت، عراق ۽ شام جي معدني دولت تي پرڏيهي سامراج قابض آهي“،

بابا ڪرمون ڳالهين جي سلسلي کي جاري رکندي چيو، “ هاڻي جنگيون هٿيارن جي زور تي نه پر معيشت جي زور تي وڙهيون وڃن ٿيون، پهريان انهن ملڪن جي معيشت تي قبضو ڪريو ۽ ان کانپوءِ ئي ان ملڪ کي پنهنجي مرضيءَ تحت هلايو ۽ ان تي حڪمراني ڪريو. دنيا جا اهڙا قبضاگروپ ملڪ، قبضي ۾ ورتل ملڪن جي عوام کي نه ته پيٽ ڀري روٽي ڏين ٿا، نه انهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي وري انهن ملڪن جي عوام کي صحت جون ڪي سٺيو سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون، اهي قابض ملڪ نه ته انهن ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪرڻ ڏين ٿا ۽ نه ئي وري انهن ملڪن ۾ ادارن کي هلڻ ڏين ٿا، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهن قبضا گروپ ملڪن جي حڪمراني آهي“،

بابا ڪرمون پنهنجا ڳالهه جاري رکندي چيو، ” اوهان ملڪ جي ڪنهن به حڪمران کان پڇو، اهو ماضيءَ جو حڪمران هُجي يا وري هاڻوڪو حڪمران هُجي ته ملڪ جي چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪيئن ٿينديون آهن ته اهي اوهان کي کولي کولي تفصيل سان ٻڌائيندو ته ڌانڌليون ڪيئن ٿينديون آهن ۽ ڪير ڪير چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائيندو آهي، پر انهن ۾ اها همت نه آهي ته اهي سچ ٻڌائي سگهن، جيڪو به سچ ڳالهائيندو اهو ملڪ بدر ڪيو ويندو“،

هاڻي ان ڳالهه جي سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته اليڪشن جي ڏينهن ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ بند ڪمري ۾ ڌانڌلي ڪهڙا چند ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي سسٽم جو سوئچ آن آف ڪري پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا حاصل ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪو انهن کي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو ته پوءِ اوهان کي ملڪ جي ڄاڻايل چونڊ نظام تحت ئي چونڊون ڪرايو، اوهان کي ڪير به نه چوندو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، اصل ڳالهه هيءَ آهي ته هن سسٽم کي خراب ڪندڙ چند ماڻهو آهن جن جو ريموٽ ڪنٽرول پرڏيهه جي ملڪن جي حڪمرانن وٽ آهي، هو هن ملڪ ۾ رڳو انهن پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائيندا آهن جن کان انهن کي مستقبل جا ڪم وٺڻا هوندا آهن، جڏهن ته سليڪٽ ڪيل اڳواڻ کي اها به خبر هوندي آهي ته کائنس ڪهڙا ڪهڙا ڪم وٺڻا آهن ۽ کيس اها به خبر هوندي آهي ته منهنجي سوڀ اليڪشن سان نه پر سليڪشن سان ٿي آهي. انهيءَ اڳواڻ کي اها به خبر هوندي آهي ته کيس ڪڏهن گهر وڃڻو آهي، هو عوام جي ووٽن سان اقتدار ۾ نه ايندو آهي تنهنڪري ان کي عوام جي تڪليفن، مهانگائي ۽ بيروگاريءَ سان ڪوبه سروڪار نه هوندو آهي، عوام مري يا جيئي اهو ان جي مٿي جو سور نه آهي“.

اهي اڳواڻ غربت ۽ عوامي جي حقن لاءِ تڏهن ڳالهائيندا آهن جڏهن اهي مخالف ڌر ۾ هوندا آهن ۽ جڏهن اهي حڪمران ٿي ويندا آهن ته انهن جو عوام سان رابطو بلڪل به ڪٽجي ويندو آهي، پوءِ هو ڪنهن جي جنازي جي نماز به پڙهندا ۽ نه ئي وري ڪنهن سان عيد جي نماز گڏجي پڙهندا آهن، انهن کان ڪير به پڇڻ وارو نه هوندو آهي، انهن کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته اوهان جي ماضيءَ جو بيان، ڪا تقرير جيڪڏهن ڪو اوهان کي ٻڌائي يا اوهان جي تقرير جو ڪو ڪلپ اوهان کي ڏيکاري ته اوهان کي شرمائڻو بلڪل به نه آهي، اوهان کي گهٻرائڻو بلڪل به نه آهي، سينو تاڻي بيهڻو آهي.

آخر ۾ بابا ڪرمون، هڪ شعر آهي جهنن ته مطلب آهي ته هوائن کي جڏهن به گهلڻو آهي ته انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته اهي ڪهڙي پاسي گهلنديون ۽ انهن جي رفتار ڪيتري هوندي، ڇو جو هاڻي طوفان جي اجازت بلڪل به نه آهي، اسان جي مٽيءَ جي محل ۽ اسان جي ڪاغذ جا قلعا جن کي اسان تعمير ڪيو آهي، انهن جي هرصورت ۾ حفاظت ڪرڻي آهي، هوائون پراڻيون آهن ۽ اهي اسان جي ڪاغذ جي قلعن ۽ مٽيءَ جي محلن جون دشمن آهن.

هاڻي وقت جي آقائن کي بغاوت هرگز برداشت نه ٿيندي ۽ وحشت به برداشت نه ٿيندي، هاڻي جيڪڏهن هوائن کي گهلڻو آهي ته انهن کي پابندي سان گهلڻو پوندو ۽ جيڪڏهن لهرن کي دريا ۾ موجون هڻڻيون آهن ته انهنکي به شور ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻي پوندي، پر ڪنهن کي ڪوئي ڪيئن ٿو سمجهائي سگهي ته لهرن ۽ هوائن ڪڏهن ڪنهن جو حڪم مڃيو آهي. هوائونن حاڪمن جي نه ته مٺين ۾ رهنديون آهن ۽ نه ئي وري قيد خانن ۾ رهنديون آهن.

مون کي بابا ڪرمون ۽ فيڪا سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ رڳو اها ئي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته اسان کي چونڊُن ڪرائڻ لاءِ انهن مشينن جي نه پر ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب هلائڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.