ڪنٽونمينٽ بورڊ واري چونڊ جا حيرت جوڳا نتيجا

تحرير: حاڪم نصيراڻي

تحريڪ انصاف، ڪشمير ۽ سيالڪوٽ واري اليڪشن جي ڪاميابي تي خوشي ۾ ملهايل جشن جي ٿڪاوٽ به پوري طرح نه لاٿي مٿان پنجاب جي فوجي علائقن مطلب ڪنٽونمنٽ بورڊ واري اليڪشن ۾ کين بدترين شڪست سندن مزو ئي خراب ڪري ڇڏيو. عام طور تي ڪنٽونمنٽ وارا علائقا فوجين جا سمجهيا ويندا آھن پر انهن علائقن ۾ سويلين به وڏي انگ ۾ رهن ٿا ۽ ٻي خاص ڳالھه ته انهن علائقن ۾ سادا، اٻوجهھ ۽ اڻپڙھيل ماڻھو تمام گهٽ رهن ٿا. انهن علائقن ۾ نواز ليگ جي ڪاميابي سياسي شعور رکندڙ ماڻھن جي ذھنن ۾ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا .

ڪجھه وقت اڳ سياسي حلقن ۾ اهي ڳالهيون گردش ڪن پيون ته سڄي ملڪ جي عوام جيان ڪجھه طاقتور ڌريون به عمران خان جي پاليسين کان اڪيلو ٿي ويون آهن. انهن قوتن جو اهو خيال آھي عمران خان مان جيڪي اميدون هيون انهن مان ڪا هڪ اميد به پوري نه ٿي سگهي. خاص طور تي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي جي ڪري پاڪستان دنيا ۾ تنها ٿيندو ويو. ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو جو آخر تنگ ٿي پاڪستان امريڪي صدر جي فون نه ڪرڻ جي شڪايت به ڪري ڏني. ڏٺو وڃي ته افغانستان جي حالتن جي ڪري پاڪستان تمام وڏي اهميت رکي ٿو پر اعليٰ امريڪي قيادت پاڪستان جي حڪومت سان ڪابه ڳالھه ٻولهھ نه ڪئي.ملڪي معاملن کي بهتر انداز سان هلائڻ  لاءِ داخلي ۽ پرڏيهي پاليسي بهتر هجڻ گهرجي پر اسان وٽ ٽي سال گذرڻ جي باوجود خان صاحب رڳو اين آر او نه ڏيندس، چورن کي نه ڇڏيندس ۽ منهنجي جنگ معافيا سان آھي وغيره وغيره جهڙن رٽيل جملن کان اڳتي وڌي ئي نه ٿو. باقي سڄو ملڪ مهانگائي غربت افلاس جي ور چڙھيل آھي. حڪومت پنهنجي ڪاميابين جو اڻ کٽ سلسلو ٻڌائي اسان جهڙن اٻوجهھ ماڻھن کي گمراهه ڪري ٿي پر زميني حقيقتن ۾ ڪنهن به شعبي ۾ ڪا بهتري نظر نه ٿي اچي.

حڪومت جي ناڪامي جو اندازو ان ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو ڪنٽونمنٽ جي اليڪشن ۾ حڪومت کي عددي سرسي ته ملي وئي پر اخلاقي طور تي وڏي شڪست سندن مقدر بڻي. اها عددي سرسي به ٻن صوبن ۾ پنهنجي حڪومت هجڻ ڪري ملي نه ته نواز ليگ اڪيلي سر وڏي پارٽي ٿي اڀري ها. ملڪي سياست ۾ پنجاب جي تمام وڏي اهميت آھي. قومي اسيمبلي جون لڳ ڀڳ اڌ سيٽون پنجاب جون آھن. پنجاب جي عوام جنهن کي چاهي ايوان تائين پهچائي جنهن کي چاهي ان جي بدترين تاريخي شڪست مقدر ۾ لکي ڇڏي. پ پ پ جو جيڪو حشر پنجاب ۾ ٿئي ٿو اها به هڪ تاريخ آھي. ق ليگ جهڙي پارٽي کي به پنجاب جي عوام ڪجھه حلقن ۾ محدود ڪري ڇڏيو. پنجاب جي شهري آبادي سان لاڳاپيل ڪنٽونمنٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ نواز ليگ جي سوڀ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڄ به نواز ليگ پنجاب جي عوام جي دلين ۾ آباد آھي. خاص طور تي راولپنڊي ۽ لاهور جي ووٽرز جو  تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏيڻ گهڻو ڪجهھ ظاهر ڪري ٿو. حڪومت شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ سرائيڪن کي سرائڪي صوبي ۽ انتظامي سطح جي آفيسن جو جيڪو لولي پاپ ڏنو ان جو جادو نه هلي سگهيو . ملتان جي پڙھيل لکيل عوام به تحريڪ انصاف تي ڀروسو نه ڪري آزاد اميدوارن کي ڪامياب ڪيو. هاڻي انهن آزاد اميدوارن جي مرضي آھي ڪهڙي پارٽي ۾ شامل ٿين ٿا. (ايڏي وڏي تعداد ۾ آزاد اميدوارن جي ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ عمران خان کي جهانگير خان ترين ۽ سندن جهاز جي ڪمي ته ضرور محسوس ٿيندي هوندي). پنجاب جي ڪاميابي کي نقاد پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسن ٿا. ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جي نظريي جي ڪري اها ڪاميابي نصيب ٿي آھي ڇو ته پنجاب جي عوام مفاهمت کان وڌيڪ مزاحمت واري پاليسي اختيار ڪئي آھي. پنجاب جي ماڻھن هاڻي پنهنجي تاريخي حيثيت مڃائڻ لاءِ جتن ڪن ٿا.اهي سمجهن ٿا ته اهو ئي موقعو آھي جو نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪي سياست ۾ Yes Sir کان نڪري What is this طرف وڌي سگهجي ٿو .

ڪجھه ماڻھن جو وري اهو خيال آھي ته هن اليڪشن ۾ شھباز شريف ۽ حمزه شريف پنهنجي مفاهمت واري پاليسي ڪري ڪشمير اليڪشن واري تجربي ۽ سيالڪوٽ واري پاليسي جو ورجاءُ نه ڪيو ۽ اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته مفاهمت سان به ڪاميابي ملي سگهي ٿي. لاهور جي ڪنٽونمنٽ وارو اهو حلقو آھي جنهن ۾ عام چونڊن ۾ عمران خان ڪامياب ٿيو هو پر خواجه سعد رفيق ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي. هن دفعي وري پڙهيل لکيل عوام ۽ بهادر رٽائرڊ فوجين نواز ليگ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي اعتماد جو اظھار ڪيو. گذريل ڪنٽونمنٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ چار سيٽون حاصل ڪيون هيون هاڻي اقتدار هوندي به ٽي سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي.

پنجاب ۾ حڪومت جي ناڪامي جا پيرا جتي وفاق جي غلط پاليسين ڏانهن وڃن ٿا اتي بوزدار سرڪار جي ناقص ڪارڪردگي به وڏو سبب ٿي سگهي ٿي. بوزدار سرڪار جو پنجاب جي عوام سان خير خواهي جو اندازو تبديل ٿيندڙ چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز مان لڳائي سگهون ٿا. لاهور ته نواز ليگ جو گهر آھي جتي ڪاميابي جي اميد گهڻي هئي ان کان سواءِ سردار اياز، صادق خواجه سلمان سان نواز ليگ جي ٻي قيادت جون ڪاوشون به شامل آھن پر شيخ رشيد جهڙي ڪٽر مخالف گهرو وزير جي شھر راولپنڊي مان تحريڪ انصاف جي ناڪامي گهڻن کي تمام گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو آھي. ڪنٽونمنٽ بورڊز جي اليڪشن پنجاب جي سياست جو رخ تبديل ڪرڻ جي پهرين ڪڙي ته ناهي؟  ڪٿي اها اليڪشن نواز شريف جي واپس ورڻ طرف اشارو نه ناهي؟ ڪٿي اهي ووٽ حڪومت لاءِ خطري جي گهنٽي ته ناهن؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.