بي رحم زماني کان ڀئُه ڪرڻ کپي

تحرير: حافظ سڪندر تنيو

الله پاڪ فرمايو آهي ته اي انسان تو سميت هر شيءِ کي فنا ٿيڻو آهي، بقا رڳو مان اڪيلي رب جي ذات کي آهي، جنهن تي موت ۽ زوال ڪڏهن اچڻو ناهي. ان ڪري جڏهن اقتدار  انسان کي ملي  وڃي ته ان تي هميشه قابض رهڻ جي اميد نه رکي. دنيا جا وڏا طاقتور، ظالم، بي رحم انسان ڪجهھ وقت ته پنهنجو رعب دنيا تي ويهاري سگهيا، ان کانپوءِ  سندن زوال کين تذڪري جي لائق ئي نه ڇڏيو.

ويجهڙ هڪ ڪورٽ جي ڪيس ۾ پيش ٿيندڙ ڪن سردارن کي ڏسڻ ۾ آيو ته هو وڏي اٽالي سان ته ڪورٽ ۾ حاضر ٿيا، ته جيئن سندن طاقت ۽ ماڻهن جي گهڻائي جو مظاهرو ڪري پنهنجي وڏائي دنيا وارن کي ڏيکاري وڃي. پر ڪورٽ حڪم ڪيو ته هي ڪو ٿيٽر يا ميلو ملاکڙو ناهي. جو ڊنب ماڻهن جا وٺي آيا آهيو. پوليس کي حڪم ٿيو ته سڀني کي ڪورٽ جي احاطي مان ڊوڙائي ٻاهر ڪڍيو وڃي. جڏهن پوليس جي لٺ بردارن هڪلون ڪندي هنن کي نڪرڻ لاءِ  چيو ته ڪيترا ماڻهو جتيون ڦٽو ڪري ڀڄي ويا. سردار زاده جيڪي پالڪن جي پينگهن ۾ لڏڻ وارا هيا. تن کي پلاسٽڪ جي معمولي ڪرسين تي ويهڻ لاءِ  چيو ويو. جيئن عام ماڻهو يا جوابدار ڪيس ٻڌڻ لاءِ  ماٺ ڪري ويٺل هوندا آهن. تيئن ئي ڀوتار صاحب پنهنجي بيوسي تي مجبور ٿيل ڏسڻ ۾ آيا ، جڏهن ته اهي وڏيرا سدائين عوام کي اس تي ويهاري ڪلاڪن تائين کين شرف ملاقات ڏيڻ لاءِ  تيار نه هوندا آهن. اقتدار جو جاهه ۽ جلال، پري ڀڄو ڀوتار ٿو اچي جون هڪلون، تابعدار انتظامي افسر شاهي، مصلحت پسند مشير، خوشامدي ماڻهن جو هجوم کين اتم مخلوق جي آڪڙ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي.

ڀاڙي تي گهرايل ماڻهو ڏيکاري  جلسن ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڏيکاري ماڻهن مٿان رعب ويهاريو ويندو آهي. هو اهو ڪڏهن به ناهن سوچيندا ته هي تجمل ۽ جمال سدائين ساٿ رهڻ وارو ناهي. تاريخ ۾ پڙهئون ٿا ته مغل حاڪمن جو هڪ شهزادو دهلي جي گهٽين ۾ پنندو نظر ايندو هيو. ماڻهو پڇندا هيس ته فقير تون ڏينهن جو ڇو نٿو پنين. جو ڏينهن جو بازار ڀريل هئڻ سبب توکي دان خيرات پڻ گهڻو ملندو.

هن وراڻيو مون شرم کان ڏينهن جو ماڻهن کان منهن لڪائي ٿو هلان. جو مان هندستان مٿان نو سو سال حڪومت ڪندڙ مغل بادشاهن جي اولاد مان  آهيان.منهنجن وڏڙن هي سمجهيو هيو ۽ خوشفهمي جي ماڪوڙي انهن جي اندر ۾ ڄار اڻيندي رهي هئي ته وقت سدائين سندن تابع رهندو. ڪنهن بندو خان يا فني خان کي جرئت نه ٿيندي، ته هو مغل شهنشاهيت جي مضبوط قلعي جي ڪا هڪڙي سر به اکيڙي سگهي. طاقت ۽ اقتدار ۾ وڏو سحر ۽ جادو ٿئي ٿو. جيڪو شخص ان جن جي اثر ۾ اچي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته دنيا تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ  ئي کيس پيدا ڪيو ويو آهي. جنرل محمد ايوب خان جي زماني جو طاقتور بيورو ڪريٽ الطاف گوھر، هڪ ڀيري چيو هيو ته اقتدار ۾ اچڻ سان هرهڪ حاڪم جي اکين تي ريشمي پٽي ٻڌل هوندي آهي.جيڪا تيستائين سندس اکين تي ٻڌل رهندي آهي جيستائين کيس بي دخل ٿيڻ جو سڏ نه ايندو آهي.

حاڪم صاحب جيئن ئي ڪمزور ٿيندا آهن. اقتدار جي طاقت تي وڌيڪ ڀروسو ڪرڻ لڳندا آهن. هو هر ان ٽُنگ کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهين، جنهن مان کين اقتدار جي ٻيڙي کي ٻوڙڻ جو انديشو هوندو آهي. جنهن عوام جي طاقت تي کين ڀروسو هوندو هيو، ان تي ڀروسي ڪرڻ بجاءِ پوليس، انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ قوتن تي هوندو اٿن ، پروفيسر غفور پنهنجي ڪتاب ڦر مارشلا آگيا ۾ لکيو آهي، ته ڀٽي صاحب سان اسان جون ڳالهيون هلنديون هيون، ته هن جو رابطو فوج جي جنرل سان ٿيندو هيو. هو کيس يقين ڏياريندو هيو ته اوهان جي اقتدار جي حفاظت هي فوجي جنرل ضياءُ الحق ڪندو رهندو. اوهان کي فوج پاران ڪوئي شڪ گمان نه هجڻ کپي. اهڙي تسلي ملڻ بعد ڀٽو صاحب طئي ٿيل معاملن کي هروڀرو اينگهائڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. پوءِ  دنيا ڏٺو ته انهي جنرل ئي کيس اقتدار تان هٽائي ڇڏيو.

اچو ته ماضي جي واقعن ۾ ليئا پائي ڪجهھ ڏسڻ جي ڪوشش ڪريون ته حڪمرانن سان ڇا ورتاءُ ٿيو هيو. سنڌي قوم سان چٿرون ڪندڙ، کين ڄٽ جاهل سڏيندڙ، جڙتو نواب قدرت جي عتاب ۾ اچي ويو. کيس راولپنڊي جي باغ ۾ جلسو ڪندي گولي هڻي ماريو ويو. اسان ته اکين سان هي به ڏٺوسي ته وزير اعظم ميان نواز شريف اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ پاڻ کي سمجهندو هيو، سندس زبان مان نڪرندڙ هر لفظ قانون بڻجي ويندو هو، اقتدار تان لاهڻ بعد جڏهن مٿس ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا ته عادي ڏوهارين واري بڪتر بند گاڏي ۾ ويهاري کيس جيل کان ڪورٽ ۾ آندو ويندو هيو. کيس ايترو به ڳالهائڻ جي مهلت نه ڏني ويندي هئي. جو هو سندس ڀرسان بيٺل صحافين سان پنهنجي قيد بابت ڪو حال احوال کين ڏيئي سگهي. سازشي بيورو ڪريٽ گورنر جنرل غلام محمد جنهن جي اقتدار جي زماني ۾ هڪ سنڌي پير کيس پيرن ۾ جتي پارائڻ جي پاڻ لاءِ  وڏي سعادت سمجهندو هيو. سو اڌ رنگ جي بيماري سبب کُرڙيون هڻندي مري ويو. اقتدار جو پوڄاري اسڪندر مرزا رسوا ٿي ڪري ملڪ مان ڪڍيو ويو ۽ گمنامي جي حالت ۾ گذاري ويو. سندس مڙهه کي ڪوئي ڪلهو ڏيئي قبر ۾ لاهڻ وارو ڪونه هيو. رعب تاب جو ڏيک ڏيندڙ مڇن کي تاءُ ڏيندڙ جعلي فيلڊ مارشل ايوب خان لاءِ  ھاءِ    هاءِ ايوب…. هاءِ هاءِ جا ذلت ڀريا نعرا ٻڌڻ ۾ آيا هئا. جنهن نعرن ئي کيس اقتدار تان پرڻجي ويندڙ ڪنوار جيان صدارتي محل مان ٻاهر ڪڍي رخصت ڪيو. جنرل محمد يحي’ خان کي پڻ بي وسي جا آخري ڏينهن گهر ۾ گذاريندي رات جي اوندهه ۾ دنيا مان رخصت ٿيڻو پيو، جنهن جي موت جي خبر اخبارن ٻن سٽن ۾ لکڻ جي ضرورت محسوس ئي نه ڪئي. ڀٽو صاحب جنهن ڪرسي کي هٿ هڻي چيو هيو ته آئون کڻي ڪمزور آهيان. پر منهنجي هيءَ ڪرسي ڪمزور ناهي. ٻئي ڏينهن تي ان طاقتور ڪرسي تي جنرل صاحب ويٺل نظر آيو. اسلام واعدي کي پاڙڻ جو زور ڏنو آهي. هي اسلام جو پيروڪار سڏائيندڙ واعده خلافي ڪندڙ جنرل محمد ضياءُ الحق، جنهن جو جهاز ۾ اهڙو حشر ٿيو جو جسم جي هڪ ٻوٽي صحيح سلامت نه رهيس. سمورو بدن باھ جي شعلن ۾ ڪباب جيان سڙندو رهيو. ضدي پوڙهو غلام اسحاق خان کي عوام جي ڪاوڙ ۽ نفرت سبب بي آبرو ڪري اقتدار جي محل مان ڪڍيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف پڻ چوري ڪرڻ جي الزامن سبب اقتدار تان هٽايا ويا. تن کان پوءِ  ايندڙ جنرل محمد مشرف جيڪو ڌرتي تي خدائي فوجدار ٿي حڪم هلائيندو هيو. اڄ وطن جي مٽي ڏسڻ لاءِ  سڪي رهيو آهي، خبر ناهي هاڻوڪي حڪمرانن لاءِ  قدرت واري ڪهڙي پلاننگ ڪئي آهي. ته هو پڻ جيڪي تاحيات اقتدار تي رهڻ جي منصوبا بندي ڪري رهيا آهن تن کي قدرت ڪيترو وقت ٿي ڏئي.
اهڙي طرح اسانجي حاڪمن کي قانون قدرت جي ڪري ته سزا ملندي ٿي رهي. پر ملڪي قانون مصلحت پسندي جي اکين تي پٽي ٻڌل سبب ملڪ ۽ قوم کي انصاف نٿو ڏياري سگهي. انڪري قدرت پنهنجي ديڳ کي دير سان ئي صحيح، پر تپائيندي ضرور رهندي آهي. جيڪڏهن حاڪمن زماني جي زوال کان بچڻ لاءِ  پنهنجي اصلاح نه ڪئي ته ماضي جي حڪمرانن وارا مثال زمانو ضرور ورجائيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.