وي سي مقرري جا اختيار وڏي وزير وٽ هجڻ خلاف درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پاسبان جي سنڌ  ونيورسٽي ترميمي ايڪٽ 2018ع جي خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پاسبان جي وڪيل عرفان عزيز چيو ته اسان ان فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪنداسين. درخواستگذار پاسبان پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي حساب سان يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي مقرري جو اختيار گورنر کي هوندو آهي پر اسيمبلي جي اندر بل جي ذريعي ترميم ڪري هئي اختيار وڏي وزير کي ڏنو ويو آهي .جيڪو هڪ سياسي عهدو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.